ملير خوفناڪ حادثي جو شڪار ٿيل بس جي مسافرن جا وارث پيارن جا لاش وصول ڪرڻ لاءِ پريشان، نوجوان پاران پاڻ مارڻ جي ڪوشش

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ملير ويجهو خوفناڪ روڊ حادثي جو شڪار ٿيل بس جي مسافرن جا وارث پنهنجي پيارن جا لاش وصول ڪرڻ لاءِ پريشان آهن، ايڌي سردخاني ۾ ڀاءُ جو لاش نه ملڻ تي نوجوان آپگهات جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته ٽرانسپورٽ کاتي  انٽر سٽي بسن ۾ هڪ مهيني اندر ايمرجنسي گيٽ لڳائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. حادثي جو شڪار ٿيل بس جي مسافرن جا وارث ڪراچي۾ جناح اسپتال ۽ ايڌي سردخاني جا چڪر لڳائي رهيا آهن پر سندن رهنمائي ڪرڻ وارو ڪير به نه آهي. شاهپور جهانيان سان واسطو رکندڙ نوجوان هدايت الله ڀاءُ  عظمت الله جو لاش نه ملڻ تي ۾ ايڌي سردخاني اڳيان پاڻ کي باهه ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي موقعي تي موجود ايڌي رضاڪارن بچائي ورتو. پاڻ کي باهه ڏئي ساڙڻ جي ڪوشش ڪندڙ نوجوان جو چوڻ هو ته هو جناح اسپتال ۽ ايڌي سردخاني جا چڪر لڳائي بيزار ٿي پيو آهي پر سندن رهنمائي ڪرڻ وارو ڪير به نه آهي. فوتين جي وارثن جي رهنمائي لاءِ سنڌ سرڪار پاران ڪابه ڪئمپ قائم نه ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سنڌ حڪومت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته فوتين جي وارثن جي رهنمائي لاءِ انسپيڪٽر جي سربراهي ۾ 3 رڪني ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي. حادثي جو ڪيس اڃا تائين داخل نه ٿيو آهي ۽ سڙي فوت ٿيل 63 ڄڻن مان 23 ڄڻن جي وارثن جو به پتو نه پيو آهي. سنڌ جي ٽرانسپورٽ کاتي  انٽر سٽي بسن ۾ هڪ مهيني اندر ايمرجنسي گيٽ لڳائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي. ملير ڀرسان لنڪ روڊ تي مسافر ڪوچ ۽ آئل ٽينڪر وچ ۾ خوفناڪ حادثي جي جاچ لاءِ آءِ جي سنڌ طرفان ڊي آءِ جي ٽريفڪ امير شيخ جي سربراهي ۾ جوڙيل ڪميٽي رپورٽ ڏئي ڇڏي آهي ڪميٽي شروعاتي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مسافر ڪوچ سان پيش آيل حادثي بعد وڏو جاني نقصان آئل ٽينڪر سبب ٿيو، جيڪو حادثي وقت تيل ۽ ڪيميڪل سان ڀريل هو. رپورٽ موجب لنڪ روڊ سنگل هجڻ ڪري خوفناڪ حادثو پيش آيو، جنهن لنڪ روڊ تي حادثو پيش آيو، ان کي ڊبل ڪرڻ لاءِ ڪمشنر ڪراچي کي 10 ڀيرا درخواستون لکيون ويون پر ان تي ڪوبه قدم نه کنيو ويو. جاچ ڪميٽي پاران حادثي بابت تيار ڪيل شروعاتي رپورٽ آءِ جي سنڌ آڏو پيش ڪئي ويندي. ٻئي پاسي ميمڻ ڳوٺ وٽ مسافر ڪوچ ۽ ٽرڪ ۾ خوفناڪ ٽڪر سبب المناڪ حادثي ۾ فوت ٿيل 63 ڄڻن مان 41 جا نالا سامهون آيا آهن، جن جي ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ وارثن جا سيمپل وٺڻ جو سلسلو جاري آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *