ملير حادثو، فوتين جي سڃاڻپ لاءِ ورتل ڊي اين اي نمونا ضايع ٿيڻ جو انڪشاف

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ملير حادثي ۾ فوتين جي سڃاڻپ لاءِ انتظاميا ۽ پوليس ڪي به سنجيده قدم نه کنيا،جڏهن ته 51 ڄڻن جا ورتل ڊي اين اي نمونا ضايع ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ملير حادثي ۾ سڙي فوت ٿي ويل 62 ڄڻن جي سڃاڻپ لاءِ سندن 51 وارثن جا ورتل ڊي اين اي نمونا ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي ۾ ضايع ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. حادثي ۾ فوت ٿي ويل 62 ڄڻن جا لاش اڃا تائين ايڌي جي سرد خاني ۾ پيل آهن. جناح اسپتال جي انتظاميا حادثي ۾ سڙي فوت ٿي ويلن جي وارثن کي ٻيهر رابطو ڪري کين ٻيهر نمونا ڏيڻ جي هدايت ڪئي. ٺل واسي فوتي بچل بنگلاڻي جي ڀاءُ نواب بنگلاڻي کي ٻيهر جناح اسپتال گهرائي ڊي اين اي لاءِ نمونو ورتو ويو. ذريعن موجب ڊي اين اي جي نمونن جي چڪاس لاءِ اڄ شام ڊاڪٽر اسلام آباد کان ڪراچي پهچي رهيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *