مليحه لوڌي جي بان ڪي مون سان ملاقات، گڏيل قومن ۾ ذميواريون سنڀالي ورتيون

گڏيل قومون(اي پي پي) گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نئين سفير مليحه لوڌي اداري جي سيڪريٽري جنرل بان ڪي مون کي اپيل ڪئي آهي ته هو ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن سيڪريٽري جنرل بان ڪي مون کي سفارشون پيش ڪندي ڪيو. هڪ مختصر تقريب کانپوءِ ٿيل ملاقات ۾ پاڪستان جي سفير سيڪريٽري جنرل کي ٻُڌايو ته خطي ۾ امن لاءِ تيزيءَ لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان اولهه وارين سرحدن تي عسڪريت پسندن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ پوري قوت سان مصروف آهي پر ٻئي پاسي ان کي ڀارت سان سرحد ۽ والاريل ڪشمير واري لائين آف ڪنٽرول تي ڀارتي چِڙ ڏياريندڙ ڪاررواين کي مُنهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ پاڪستان ۽ ڀارت ۾ مقرر فوجي مبصرن جي ڪردار ۾ استحڪام ۽ وسعت جي ضرورت آهي ته جيئن گڏيل سرحد ۽ لائين آف ڪنٽرول تي ڀارت طرفان سيز فائر جي ڀڃڪڙين کي روڪي سگهجي. سيڪريٽري جنرل بان ڪي مون چيو ته هو پاڪ- ڀارت ڳالهين جي ٻيهر شروعات جو خواهشمند آهي ۽ عسڪريت پسنديءَ خلاف قانون لاڳو ڪندڙ پاڪستاني فورسز جي ڪردار جو اعتراف ڪري ٿو. گڏيل قومن سڄي دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ عالمي اداري جي سرگرمين ۾ پاڪستاني معاونت کي قدر سان ڏسي ٿو. مليحه لوڌي سيڪريٽري جنرل کي اپيل ڪئي ته هو دهشتگرديءَ خلاف پاڪستاني ڪردار بابت بدگمانين جو خاتمو، ڏکڻ ايشيا ۾ امن، استحڪام ۽ ڪشمير سميت گڏيل تڪرارن جي نبيري لاءِ پاڪ- ڀارت ڳالهين جي ٻيهر شروعات لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *