ملتان سلطانز وسيم اڪرم کانپوءِ وقار يونس جون خدمتون به حاصل ڪري ورتيون

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ جي ٽئين ايڊيشن جي حوالي سان تياريون زور شور سان جاري آهن ۽ ٽيمن لاءِ رانديگرن کي برقرار رکڻ يا واپس ڊرافٽ ۾ موڪلڻ جا دَر به کلي چڪا آهن، اهڙي صورتحال ۾ هر ٽيم جي ڪوشش آهي ته اها بهتر کان بهتر عهديدارن ۽ رانديگرن جي چونڊ ڪري، جڏهن ته ان ڊوڙ ۾ پاڪستان سپر ليگ ٽئين ايڊيشن لاءِ ليگ ۾ شامل ٿيندڙ ڇهين ٽيم ملتان سلطانز سڀني کان اڳتي آهي، جنهن ماضي جي ٻن خطرناڪ بالرن کي پنهنجو حصو بڻائي ڇڏيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو شوقينن جون پڻ ملتان سلطانز ۾ اکيون آهن ۽ سڀ ڪو پي ايس ايل جي ٽئين ايڊيشن جي انتظار ۾ آهي. ملتان سلطانز سوئنگ جي سلطان وسيم اڪرم جون خدمتون ته اڳ ئي حاصل ڪري چڪي آهي، جيڪو اسلام آباد يونائيٽيڊ کي الوداع ڪري ملتان سلطانز لاءِ ڪرڪيٽر آپريشنز ڊائريڪٽر جي عهدي تي مقرر ٿيو آهي، جڏهن ته هاڻ ان فرنچائز قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي هيڊ ڪوچ وقار يونس جون خدمتون پڻ حاصل ڪري ورتيون آهن، جيڪو ملتان سلطانز جو هيڊ ڪوچ ۽ مينٽور هوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *