ملتان سانحي ۾ عمران خان ڪارڪنن جي عيادت نه ڪري بي حسي جو مظاهرو ڪيو: سعد رفيق

لاهور (م.د) ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته قاسم باغ ملتان سانحي ۾ تحريڪ انصاف جي قيادت طرفان پنهنجي ئي ڪارڪنن جي عيادت ڪرڻ بجا، بي حسي جو مظاهرو ڪرڻ شرمناڪ آهي، پي ٽي آ، پارٽي اندر ان بدنظمي جي جاچ ڪرائي جنهن ڪري بيگناهه ماڻهو موت جو شڪار ٿيا، قاسم باغ سانحو دل ڏکائيندڙ واقعو آهي، جنهن لا، هر اک آلي آهي، آچر ڏينهن لاهور پريس ڪلب ۾ هڪ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته توانائي بحران تي ضابطو آڻڻ جي سلسلي ۾ چينيسيڙپڪاري کي اڳيان وڌائڻ لا، وزيراعظم محمد نواز شريف جو ايندڙ مهيني چين جو دورو متوقع آهي، دوري سان ملڪ ۾ توانائي سميت ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري بابت اڳڀرائي ٿيندي، وفاقي وزير چيو ته جلسن ۾ پي ٽي آ، جي بدنظمي ضرب المثل بڻجي چڪي آهي، پي ٽي آ، قيادت ڪوڙ ڳالهائي پنهنجي نااهلي تي پردو وجهي رهي آهي، عمران خان پنهنجي زخمي ڪارڪنن جي عيادت لا، اسپتال وڃڻ بجا، بي حسي جو مظاهرو ڪندي هليو ويو، جيڪو شرمناڪ عمل آهي، اهو هڪ پارٽي سربراهه کي سونهي نٿو، ان موقعي تي هن چيو ته 12 آڪٽوبر جو ڏينهن تاريخ جو هڪ ڪارو ڏينهن آهي، جڏهن هڪ چونڊيل جمهوري حڪومت تي ضرب هنئي وئي، جيڪڏهن ان وقت چونڊيل حڪومت کي ختم نه ڪيو وڃي ها ته اسان کي اڄ توانائي سميت ٻيا مسئلا درپيش نه هجن ها، وفاقي وزير چيو ته مسلم ليگ (ن) جو ويزن آهي ته ووٽ وسيلي تبديلي عوام جو حق آهي، ان حق کي انهن کان ڪو به کسي نه ٿو سگهي، جمهوريت جي مضبوط لا، پاڪستاني عوام وڪيلن، عدليا، سول سوسائٽي، ميڊيا ۽ سياسي پارٽين پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ اڳيان به ڪردار ادا ڪندا رهندا. پنجاب حڪومت قاسم باغ ملتان سانحي جي زخمين کي علاج جي سهولت فراهم ڪري رهي آهي، جيڪا حڪومت جي ذميواري آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *