ملتان سانحي جي شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي، انتظاميه غير جانبدار انڪوائري نٿي ڪري سگهي: عمران خان

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته ملتان سانحي جي شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي انتظاميه واقعي جي غيرجانبدارانه انڪوائري نٿي ڪري سگهي پارٽي ۾ اندروني جاچ به ڪري رهيا آهيون ملتان وڃڻ کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته ڪور ڪميٽي جو اجلاس به سڏايو آهي هن ٻڌايو ته هو ملتان واقعي ۾ مارجي ويلن جي گهر ويندو عمران خان چيو ته سرگودا جلسي ۾ ڪير ڪير اسٽيج تي ايندو ان جو فيصلو مان پاڻ ڪندس هن چيو ته ملتان ۾اسٽيڊيم جي گيٽ ڪنهن بند ڪئي تالو ڪنهن لڳايو ان بابت معلوم ڪرڻو پوندو واقعي جي عدالتي جاچ ڪرڻ گهرجي عمران خان هڪ دفعو ٻيهر چيو ته چونڊن ۾ تاريخي ڌانڌلي ٿي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *