ملاله يوسفزئي ليبرٽي ايوارڊ کٽي ورتو

نيويارڪ (م.د) سوات ۾ دهشتگردن جي فائرنگ ۾ زخمي ڪيل شاگردياڻي ملاله يوسفزئي ليبرٽي ايوارڊ کٽي ورتو هي اعزاز حاصل ڪندڙ ننڍي ڄمار رکندڙ شخصيت آهي تفصيل موجب ملاله کي لبرٽي ميڊل آمريڪي رياست فلاح گيليفيا ۾ هڪ تقريب دوران ڏنو ويو ملاله کي هي ميڊل تعليم جي شعبي ۾ ان جي خدمتن ۽ قبائلي علائقن جي عورتن کي بنيادي حقن ۽ انهن جي آزادي جي حوالي سان جدوجهد تي ڏنو ويو آهي ان موقعي تي ملاله مليل هڪ لک ڊالر جي انعامي رقم پاڪستان ۾ تعليم کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ملاله يوسفزئي چيو ته ليبرٽي ايوارڊ حاصل ڪري فخر محسوس ڪري رهيا آهيان جنهن جي حاصل ٿيڻ کان پوءِ تعليم کي عام ڪرڻ ۽ ٻارڙن جي حقن لاءِ جاري مهم کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جو حوصلو وڌندو. ملاله چيو ته تعليم بهترين هٿيار آهي جنهن جي ڪري غربت جهالت ۽ دهشتگردي ختم ڪري سگهجي ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *