ملاله يوسفزئي جي هندستان ۾ آجيان ڪئي ويندي: شيو سينا

ممبئي (اين اين آءِ) انتهاپسند هندو پارٽي شيوسينا جو چوڻ آهي ته ٻارڙن جي حقن لاءِ سرگرم نوبل انعام حاصل ڪندڙ ملاله يوسفزئي کي هندستان ۾ ڀليڪار چيو ويندو، ڇو ته هو دهشتگردن خلاف بهادري سان ۽ ڄمي بيٺي آهي. ٽائيمز آف انڊيا جي رپورٽ مطابق شيوسينا جي اڳواڻ سنجي رات جو چوڻ آهي ته مان هندستان ۾ امن قائم ڪندڙن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته شيو سينا ۽ مان پاڪستان ۾ دهشتگردي خلاف آواز اٿارڻ تي ملاله يوسفزئي جي جدوجهد کي ساراهيون ٿا ۽ ملاله هندستان ايندي ته ان جي آجيان ڪئي ويندي، هن چيو ته خورشيد قصوري ۽ حافظ سعيد جهڙا ماڻهو هندستان خلاف تشدد ۽ دهشتگردي پکيڙين ٿا، جڏهن ته ملاله دهشتگردي خلاف وڙهي رهي آهي ۽ ان ڪري نوبل انعام ماڻي چڪي آهي، هن چيو ته جيڪڏهن ملاله جي هندستان ۾ اجيان ڪئي ويندي ته هتي موجود پاڪستان سان محبت ڪندڙ سمورن ماڻهن کي هي پيغام ملندو ته دهشتگردي کي هٿي ڏيڻ بدران ان کي سختي سان منهن ڏيڻ گهرجي، واضح رهي ته تازو ملاله خواهش ظاهر ڪئي هئي ته هو هندوستان جو دورو ڪرڻ گهري ته جئين اتان جي ڇوڪرين جا حوصلا وڌي سگهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *