ملائڪا اروڙا ۽ ارباز خان ۾ طلاق وارين خبرن جي ترديد

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره ملائڪا اروڙا جي مئنيجر ارباز خان ۽ ملائڪا وچ ۾ طلاق جي حوالي سان ميڊيا تي آيل خبرن جي ترديد ڪئي آهي. ڀارتي ميڊيا مطابق ارباز خان ۽ سندس زال جي ڌار ٿيڻ واريون خبرون سرگرمي سان اچي رهيون هيون ته هو جلد ئي ڌار ٿيڻ وارا آهن پر ملائيڪا جي مئنيجر ميلني انهن خبرن کي رد ڪندي چيو آهي ته ٻئي زال مڙس هڪٻئي کي تمام گهڻو پسند ڪن ٿا ۽ محبت ڪن ٿا. واضح هجي ته تازو ئي اداڪار فرحان اختر ۽ سندس گهر واري ۾ علحدگي ٿي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *