مفتاح اسماعيل، مريم اورنگزيب سميت ٻين وفاقي وزيرن جي حيثيت سان حلف کڻي ورتا

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعطم جي صلاحڪار مفتيٰ اسماعيل وفاقي ناڻي وزير, مملڪتي وزيرن مريم اورنگزيب، ڊآڪٽر طارق فضل چوڌري ۽ انوشا رحمان وفاقي وزير جي عهدي جو حلف کڻي ورتو جاري بيان مطابق حڪومت پاران مفتيٰ اسماعيل کي ناڻي وزير، روينيو ۽ اڪنامڪ افيئر لڳائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي جنهن کان پوءِ ان جي وفاقي وزير جي حيثيت سان حلف کڻڻ واري تقريب ايوان صدر ۾ ڪوٺائي ويئي جنهن دوران صدر ممنو حسين مفتيٰ اسماعيل وفاقي وزير جي عهدي جو حلف کنيو، صدر ممنون حسين مريم اورنگزيب ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ۽ انوشا رحمان کان وفاقي وزير ۽ مسز ليليٰ خان کان مملڪتي وزير جي عهدي جو حلف کڻي ورتو حلف کڻڻ واري تقريب ايوان صدر ۾ ٿي جنهن ۾ سياسي ڪارڪنن ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *