معيشت هن وقت به چيلينجن کي منهن پئي ڏئي: حفيظ شيخ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان جي ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو آهي ته پاڪستان کي هن وقت تائين معاشي حوالي سان چيلينجن کي منهن ڏيڻو پيو پوي. اسلام آباد ۾ پاڪستان انوويٽيو فنانس فورم سان خطاب کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ملڪ ۾ اقتصادي مضبوطي اچڻ شروع ٿي وئي آهي ۽ عالمي مالياتي اداري سان جيڪي معاشي هدف طئي ڪيا ويا انهن کي پورو ڪيو ويندو. هن اشارو ڏنو ته آءِ ايم ايف هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽن مهينن ۾ پاڪستان جي هدفن کان مطمئن آهي. حفيظ شيخ چيو ته حڪومت معاشي لحاظ سان ڏکيا فيصلا ڪيا ، پنهنجا خرچ گهٽ ڪيا ۽ برآمد ڪندڙڻ کي مراعتون ڏنيون، جنهن جي نتيجي ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو گهٽ ٿيو ۽ هاڻ آڪٽوبر ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس ٿي ويو. ناڻي واري صلاحڪار ڳالهين دوران چيو اڳڪٿي ڪئي ته هلندڙ مالي سال گڏيل ملڪي پيداوار جي ترقي مقرر هدف کان وڌيڪ هوندي. سندس چوڻ هوته هلندڙ مالي سال جي پهرين 4 مهينن ۾فيڊرل بورڊ آف روينيو جي ٽيڪس وصولي ۾ 16 سيڪڙو واڌ ٿي ۽ نان ٽيڪس روينيو گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ٻيڻو ٿي ويو. هن ٻڌايو ته 4 مهينن ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ 200 سيڪڙو کان وڌيڪ واڌ ٿي، پر معاشي لحاظ سان هن وقت به چيلينج آهن. ڊاڪٽر حفيظ شيخ موجب ملڪ ۾ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻڻا پوندا پر گذريل 16 مهينا حڪومت کي معيشت کي درست رستي تي آڻڻ ۾ لڳي ويا ۽ هاڻ معشت درست رخ ۾ وڃي پئي.  ان کان سواءِ پاڪ چين اقتصادي راهداري بابت آمريڪي نائب پرڏيهي وزير جي مددگار جي بيان تي تبصرو ڪرڻ کان پاسو ڪندي ناڻي واري صلاحڪار چيو ته سي پيڪ جي ڪاميابي اصل ۾ ان وقت سڀ کان وڌيڪ هوندي جڏهن دنيا جا ٻيا ملڪ به منصوبي ۾ شامل ٿيندا. هن چيو ته سي پيڪ ۾ جيترا ملڪ شامل ٿيندا پاڪستاني معيشت کي فائدو ٿيندو. ٻئي پاسي اسٽيٽ بينڪ جي گورنر شمشاد اختر چيو آهي ته ملڪ ۾ سياسي ۽ اقتصادي مضبوطي ضروري آهي. سندس چوڻ هو ته ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ گهٽتائي سان روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻا پوندا. ان کان سواءِ سندس اِهو به چوڻ هو ته سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ انفرا اسٽريڪچر بنيادي حيثيت آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *