معيشت لاءِ گڏ ويهڻ جي آڇ، حڪومت نيب چيئرمين کي بليڪ ميل پئي ڪري: آصف زرداري

اسلام آباد (اين اين آءِ) اڳوڻي صدر ۽ پ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته ڪپتان جي حڪومت نيب جي چيئرمين کي بليڪ ميل ڪري رهي آهي موجوده حڪومت کي ڪڍڻ جي لاءِ سياسي طاقتن کي آگاهه ڪرڻو پوندو سياسي طاقتون نه اينديون ته ٻيو ڪوئي ايندو. اسان جيل وڃي نه ٿڪيا آهيون ۽ هي ٻاهر رهي ڪري به ٿڪجي پيا آهن. خميس جي ڏينهن پروڊيڪشن آرڊر تي قومي اسيمبلي اچڻ ۽ خطاب کان پوءِ پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان جيل ۾ وڃي نه ٿڪيا آهيون ۽ هي ٻاهر رهي ڪري به ٿڪجي پيا آهن. ان موقعي تي هڪ صحافي پاران اڳوڻي صدر کان سوال ڪيو ويو ته ڇا توهان کي حسين اصغر کي انڪوائري ڪميشن جو سربراهه بنائڻ تي اعتراض آهي جنهن جي جواب ۾ آصف زرداري چيو ته اسان کي مٿي کان هيٺ تائين سڀني تي اعتراض آهي هن چيو ته موجوده حڪومت کي ڪڍڻ لاءِ سياسي طاقتن کي آگاهه ڪرڻو پوندو آصف زرداري چيو ته ٻاهران کان ايندڙ ناڻي واري وزير کي ملڪ جي معيشت جي خبر ئي نه آهي هن چيو ته مون تي جيترا به ڪيس هلايا وڃن هلائين منهنجو خير آهي پاڪستان جو خيال رکيو وڃي 80 سال جي بزرگن جو خيال رکيو وڃي. پ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو اهي ته مون کي پڪڙڻ سان فرق نه پوندو حساب ڪتاب بند ڪيو وڃي ۽ اڳتي جي ڳالهه ڪئي وڃي سڀ روئي رهيا آهن ڪو ته سبب آهي سرڪاري ملازمن جون پگهارون وڌايون وڃن. ان کان وڌيڪ ٽيڪس وڌايو ويو آهي. سيڙپڪار خوف ۾ آهن ته پنج لک واري چيڪ تي حساب ڏيڻو پوندو ڪير ڪير حساب ڏيندو ايئن نه ٿئي جو مهانگائي کان تنگ اچي عوام روڊن تي نڪري اچي ۽ سياسي پارٽيون پوئتي رهجي وڃن. ايئن نه ٿئي جو سياسي طاقتن کان به اها راند هٿن مان نڪري وڃي جيڪي طاقتون کڻي آيون آهن انهن کي به سوچڻ گهرجي خميس تي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پروڊيڪشن جاري ٿيڻ تي قومي اسيمبلي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو ۽ بجيٽ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي چيو ته پهريان ته پراڊيڪشن آرڊر جاري ڪرڻ تي اسپيڪر جو شڪريو ادا ڪيان ٿو هن چيو ته مان اختر مينگل، ايم ڪيو ايم ۽ اپوزيشن ليڊر ۽ ٻين پارٽين جو شڪرگذار آهيان جن منهنجي پروڊيشڪشن آرڊر لاءِ ڪوشش ڪئي هن چيو ته سانگهڙ تي ان وقت ڪپهه جي فصل تباهه ٿي رهيو آهي ۽ حڪومت پاران ان سلسلي ۾ ڪابه ڪوشش نه ڪئي ويئي هن چيو ته شايد ايئن نه ٿئي جو هن وقت تائين ته سعودي عرب کان امداد اچي ٿي ملڪ جو معاشي مسئلو سڀني جو گڏيل آهي هن چيو ته ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته هي بجيٽ انهن جي بڻايل نه آهي هن چيو ته ملڪ جي معاشي مسئلي کان سڀ واقف آهن پاڪستان آهي ته اسان سڀ آهيون پاڪستان نه آهي ته ڪجهه به نه آهي هن چيو ته مان نه کپي جي نعري وقت پاڪستان کپي جي ڳالهه ڪئي هن چيو ته جيڪڏهن آءِ ايم ايف کان پئسو ملي رهيو آهي ته ماڻهو ڇو روئي رهيا آهن. هن چيو ته اچو ته حڪومت اپوزيشن گڏجي معيشت تي ڪوئي معاهدو ڪيون هن چيو ته بجيٽ جون ڳالهيون ڪيون ويون ته سڀ روئي رهيا آهن ڪو ته سبب آهي. هن چيو ته حساب ڪتاب کي ڇڏي اڳتي وڌو هن چيو ته منهنجي پڪڙڻ سان پارٽي مضبوط ٿيندي. هن چيو ته ماڻهو سوچين ٿا ته جيڪڏهن زرداري کي پڪڙي سگهجي ٿو ته پوءِ ٻين کي ڇو نه. هن چيو ته مان پهريان به جيل ۾ ايندو ويندو رهيو آهيان ۽ اڄ ٻيهر ياد تازيون ٿي ويون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *