معيشت جي تباهي جي قيمت قوم ۽ ملڪ کي چڪائڻي پئجي رهي آهي، اکيون کولڻيون پونديون: شهباز شريف

لاهور (اين اين آءِ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر شهباز شريف، معاشي تباهي، بيروزگاري تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته معيشت جي تباهي جي قيمت قوم ۽ ملڪ کي ادا ڪرڻي پئجي رهي آهي اکيون کولڻيون پونديون، غريب جو نه دڪان بچيو نه ڪارخانو نه صنعت، نه گهر قوم ڏسي ورتو ته گاريون ڏيڻ سان ملڪ صنعت، ڪاروبار، روزگار ۽ گهر ناهن هلندا. معيشت بچائڻ لاءِ فيصلو عوام کي ڪرڻو آهي  قومي اتحاد جي ضرورت آهي تاريخ جو سڀ کان وڏو بجيٽ خسارو، تيز ترين قرض، سڀ کان گهٽ ترقي جي شرح ، معيشت جي تباهي جون نشانيون آهن مهانگائي 14 سيڪڙو ۽ پاليسي ريٽ 13 ڏهائي 25 سيڪڙو ڪرڻ ئي ملڪ دشمني آهي معيشت تڙپي رهي آهي ۽ عمران نيازي کي ڪا به ڳڻتي ناهي. معيشت جيئن آهي تيئن هلندي رهي ته پوءِ پڇتائڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه رهندو هن چيو ته ملڪ ۽ عوام کي ڪنگلو ڪيو ويو آهي صنعت بند آهي، ملڪ رڳو سرڪاري ڪوڙ جا ڪارخانا هلي رهيا آهن عوام جو ڪاروبار ٺپ ٿي ويو آهي اٽو، کنڊ چور مافيا عوام جا کيسا ڪٽيندڙن کي کليل اجازت آهي قرضن ۾ 12 هزار ارب رپين جي واڌ تي ڳڻتي آهي ڏيڍ سال ۾ ملڪ جي چڱي ڀلي معيشت تباهه ڪري عوام کي غربت ۽ بيروزگاري جي اونداهي ۾ ڌڪيو ويو آهي. ايندڙ مالي سال ۾ ترقي جي شرح ۾ وڌيڪ گهٽتائي ڪروڙين ماڻهن جي بيروزگاري جو اعلان آهي هڪ ڪروڙ نوڪرين جو خواب ڏيکاري ڪروڙين ماڻهن کي بيروزگار ڪيو ويو پنجاهه لک گهرن جا خواب ڏيکاري پنهنجا گهر بچائي ورتا ۽ لکين گهر ڊاهي پٽ ڪيا ويا. .

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *