معياري ۽ سٺيون فلمون ٺهڻ تائين عوام کي سئنيما گهرن ۾ آڻڻ تي مجبور نٿو ڪري سگهجي: حمائمه ملڪ

لاهور (شوبز نيوز) فلم اسٽار حمائما ملڪ چيو آهي ته جيستائين معياري ۽ سٺيون فلمون ٺاهي عوام کي سئنيما گهرن ۾ آڻڻ تي مجبور نٿو ڪيو وڃي، تيستائين اسان جو فلم انڊسٽريءَ کي عالمي مارڪيٽ تائين پهچڻ وارو خواب ساڀيان نه ٿيندو. پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ حمائما ملڪ جو چوڻ هو ته پاڪستاني فلمن جي ڪاميابيءَ لاءِ عوام کي سئنيما گهرن جو رُخ ڪرڻ گهرجي، ڇو ته جيستائين ڏسندڙ ائين نه ڪندا، تيستائين فنڪارن جي محنت توڙي سيڙپڪاري جو ڪو فائدو نه ٿيندو. هن چيو ته اڄوڪين حالتن کي ڏسي پاڪستاني فلم انڊسٽريءَ جي معيار کي عالمي سطح تائين پهچائڻ ڏکيو ڪم لڳي رهيو آهي.27

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *