معصوم ٻارڙي زينب جو زيادتي بعد وحشياڻو قتل شريفن جي حڪومت جي منهن تي چماٽ آهي: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلزپارٽِ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته معصوم ٻارڙي جو اغوا کان پوءِ زيادتي ۽ قتل شريفن جي بادشاهي جي منهن تي چماٽ آهي شريف حڪمران مسلسل اهڙن وحشياڻن واقعن کي نظرانداز ڪري رهيا آهن لڳي ٿو ته پنجاب جا ڪجهه علائقا ٻارڙِين لاءِ جهنم بڻايا ويا آهن پنهنجي بيان ۾ پ پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري قصور ۾ ستن ورهين جي ٻارڙي سان ڏاڍائي کان پوءِ بي رحمي کان پوءِ قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي هن چيو ته قصور ۽ شيخوپوره ۾ معصوم ٻارڙين سان زيادتي ۽ قتل جا واقعا مسلسل ٿي رهيا آهن صرف هڪ سال ۾ شيخوپوره ۾ زيادتي ۽ قتل جا اهڙا 11 واقعا ٿيا آهن. هن چيو ته شريف ڀائر حڪمران طور پنهنجن فرضن کان مڪمل غافل آهن ٻارڙن جي خلاف ڏوهن ۾ ملوث ماڻهن جي لاءِ شريف ڀائرن جو برداشت جو رويو ناقابل قبول آهي. بلاول ڀٽو چيو آهي ته معصوم ٻارڙن سان زيادتي ۽ قتل جي واقعن معاشري کي جنجوڙي ڇڏيو آهي. مجرمن سان شريفن جو نرم رويو برداشت نه ڪنداسين معصوم بارڙن سان زيادتي ۽ قتل ۾ ملوث جوابدارن جي خلاف ڪيس داخل ڪيا وڃن بلاول ڀٽو زرداري چيو ته معصوم ٻارڙن جي قتلن کي جلد کان جلد گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ڏک جي هن گهڙي ۾ اسان سمورن متاثر خاندانن سان گڏ آهيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *