معاشي لنگهه رٿا تي وزيراعظم پاڻمرادو ايوان ۾ وضاحت ڏئي: رضا رباني

اسلام آباد (بيورو) سينيٽ پاڪ-چين معاشي لنگهه رٿا تي وزيراعظم نوازشريف کان وضاحت گهري آهي. سينيٽ جي چئيرمين رضارباني جو چوڻ آهي ته پارليامينٽ سپريم ادارو آهي،وزيراعظم ايوان ۾ اچي وضاحت ڏئي. سينيٽ جو اجلاس رضارباني جي صدارت هيٺ شروع ٿيو.اجلاس ۾ معاشي لنگهه رٿا بابت بحث دوران رضارباني جو چوڻ هو ته جيڪڏهن خيبرپختونخوا جي وڏي وزير جا معاشي لنگهه رٿا تي شڪ آهن ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ انهن جو جائزو ورتو وڃي.سندس چوڻ هو ته ان حوالي سان وزيراعظم کي پاڻمرادو وضاحت ڏيڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *