معاشي طور تي اڀرندڙ پاڪستان دنيا لاءِ مثال آهي: مريم اورنگزيب

ڊيووس (اين اين آءِ) سڌ سماءَ جي مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته معاشي طور تي اڀرندڙ پاڪستان دنيا لاءِ هڪ وڏو مثال آهي جڏهن ته ورلڊ اڪنامڪ فورم ۾ ترقي پسند ۽ اڀرندڙ پاڪستان کي ڀرپور نموني اجاگر ڪيو ويو آهي.ڊيوس ۾ هڪ خانگي ٽي وي چينل سان سان ڳالهائيندي هن چيو ته دنيا جي ملڪن کي ون بيلٽ ون روڊ ۽ اقتصادي راهداري منصوبن مان فائدو حاصل ڪندي ترقي جون گڏيل منزلون حاصل ڪرڻ گهرجن.مملڪتي وزير چيو ته وزيراعظم شاهد خاقان عباسي مختلف ادارن جي سربراهن سان گڏ ملاقاتن ۾ پاڪستان ۾ اقتصادي ترقي ۽ سيڙپ کي هٿي وٺرائڻ تي ڳالهيون ٿيون.هن چيو ته پاڪستاني وفد ۾ عورتن جي ڀرپور شرڪت سان پاڪستان جو روشن چهرو دنيا جي اڳيان آيو آهي. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته وزيراعظم ڊيوس ۾ اهم عالمي تجارتي ادارن جي سربراهن سان ملاقاتون ڪيون جنهن ۾ پاڪستان اندر سيڙپڪاري تي نتيجا ڏيندڙ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. هن چيو ته سي پيڪ جي صورت ۾ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري اچي رهي آهي خطي جا ملڪ سي پيڪ مان فائدو حاصل ڪرڻ چاهين ٿا. معاشي طور اڀرندڙ پاڪستان دنيا لاءِ هڪ مثال آهي. هن چيو ته ڊيووس ۾ پاڪستاني عورتن ڀرپور نمائندگي ڪئي آهي مملڪتي وزير چيو ته عالمي اقتصادي فورم ۾ پاڪستان جي تاريخي نمائندگي آهي دنيا پاڪستان کي هڪ اڀرندڙ مارڪيٽ طور مڃي رهي آهي. هن چيو ته سي پيڪ سڄي خطي لاءِ گڏيل خوشحالي جو منصوبو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *