نعرا هڻندڙ پاڻ تبديل ٿي ويا، نواز شريف ننڍي ڀاءَ کان پڇي ته ڇو ڪڍيو ويو: بلاول ڀٽو زرداري

حيدر آباد (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽوزرداري چيو آهي پاڪستان جي سياست ۽ حڪمران سياستدانن جي رويي تي افسوس  ٿئي ٿو، بابابلي شاهه جهڙي بزرگ جي شهر قصور ۾ اسانجي معصوم گلن جهڙي ٻارڙي زينب تي ايترو وڏو ظلم ٿي ويو ۽ اهو پهريون واقعو نه بلڪه ان قسم جي واقعن جو تسلسل  آهي، هن چيو ته 27 ڊسمبر تي ڳڙهي خدا بخش ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن  ۽ حڪمرانن کان قصور ۾ ٿيل واقعي تي انصاف گهريو هو ان وقت معصوم زينب زندهه هئي پر حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا خاموش تماشائي  بڻيا رهيا _ اها ڳالهه هن اڄ راهوڪي ضلعي بدين ۾ شهيد فاضل راهو جي 31 ورسي جي موقعي تي جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو _ هن چيو ته اها هڪ زينب نه هئي بلڪ هن سال  11 زينب ۽ ڪيترا سو معصوم ٻارڙا وحشت جو نشانو بڻيا پر ڏوهاري گرفتار ڪرڻ ۽ ثبوت  هجڻ جي باوجود اڄ  به اهي ماڻهو آزاد گهمي رهيا آهن  پر حڪمران ٽولو نظر انداز ڪري رهيو آهي ۽ قصور جي ٻارڙي سميت  ملڪ جي تمام ٻارڙن  کي وحشين جي رحم ۽ ڪرم تي نٿو ڇڏي سگهجي _ هن ميان محمد نواز شريف ۽ شهباز شريف تي تنقيد ڪندي چيو ته شريف زاده قصور جي ٻارن کان ڪهڙي ڳالهه جو بدلو وٺي رهيا آهن اسانکي پنهنجن ٻارڙن کي انصاف ڏيارڻو آهي ۽ انهن جي مستقبل جي تحفظ لاءِ خاموشي ٽوڙڻي پوندي _ هن چيو ته سنڌ حڪومت چائلڊ رائيٽ پروٽيڪشن قائم ڪيو  آهي _ هن  سنڌ حڪومت جو حوالو ڏيندي ٻين صوبن  کي تجويز ڏني ته اهي سنڌ حڪومت وانگر پنهنجي نصاب ۾ چائلڊ پروٽيڪشن جي حوالي سان مضمون شامل ڪري ايندڙ نسل کي صحيح ۽ غلط کان آگاهي ڏين _ هن چيو ته ميان صاحب مان توهان کان پڇان ٿو ته توهان پنهنجي مفادن لاءِ انصاف جي تحريڪ هلائڻ جو شوشو  ڇڏيو پر قصور جي ٻارن ۽ ماڊل ٽائون جي شهيدن کي انصاف ڪير ڏيندو _ هن چيو ته نواز شريف اهو چوندو ڦري پيو  ته مونکي ڇو ڪڍيو ويو  مان کيس چوان ٿو ته اهو سوال توهان پنهنجي ننڍي ڀاءُ کا پڇيو ۽ سوال جو جواب توهان جي گهر مان ئي ملي ويندو_ ميان صاحب توهان کي ڪرپشن ڪيس ۾ سزا ملي ۽ توهان جي ڀاءُ کي حديبه  پيپر مل ڪيس ۾ بري ڪيو ويو  جيڪڏهن اِهو فيصلو غلط آهي ته اُهو فيصلو به غلط آهي ۽  اهو ڪهڙو مذاق  آهي ته وڏو ميان  چوي ٿو ته ادارا سندس ٽارگٽ ڪلنگ ڪري رهيا آهن  ۽ ننڍو  ميان چوي  ٿو ته ادارا صحيح ڪم ڪري رهيا آهن، وڏو ميان چئي ٿو ته کيس غلط سزا ڏني وئي ۽ ننڍو ميان چوي ٿو ته انصاف جو مان مٿانهون ٿيو ، ميان صاحب توهان ٻئي ڀائر ڊرامي بازي سان  هاڻي ملڪ جي باشعور  ماڻهن کي بيوقوف نٿا بڻائي سگهو  ڇاڪاڻ ته ماڻهو توهان کي سڃاڻي چڪا آهن _ هن چيو ته ميان صاحب  جڏهن به  سنڌ  جو دورو ڪيو ته واعداڪيا  جن مان  هن وقت تائين ڪو به واعدو  پورو نه ٿيو آهي جڏهن ته گذريل پنجن سالن کان اين ايف سي ايوارڊ به پورو نه ڏنو ويو آهي بلڪه اڄ به ننڍي صوبي  جي اين ايف سي  ايوارڊ  مان رقم ڪاٽي وئي  آهي _ هن چيو ته ميان صاحب حقيقت کي تسليم ڪيو ته توهان پنهنجي سياسي عمر پوري ڪري چڪا آهيون هاڻي اهي سهارا نه رهيا آهن جيڪي توهان جو ساٿ ڏيندا هئا  ، ميان صاحب توهان  کان نه ملڪ سنڀاليو ويو  نه ئي وري حڪومت بلڪه توهان کان ته پنهنجو ننڍو ڀاءُ تائين سنڀاليو نه ويو ۽ توهان هر طرح سان ناڪام ٿي چڪا آهيو _ هن چيو ته اسان اهو ملڪ نواز شريف ۽ عمران خان جهڙن سياستدانن جي خواهشن جي رحم ۽ ڪرم تي نٿا ڇڏي سگهون _ هن چيو ته هڪ لاڏلو چوي ٿو ته اهي اثاثا منهنجا نه آهن  ۽ عدالتون چون ٿيون ته اهي توهان جا آهن ٻيو لاڏلو چئي ٿو ته اهي اثاثا منهنجا آهن  عدالتون چون ٿيون ته اهي تنهنجا نه آهن  دراصل ٻنهي لاڏلن جي لڙائي  آهي _ هن چيو ته هڪ لاڏلي سنڌ ۾ اچڻ شروع ڪيو آهي ۽ اهو اهڙن ماڻهن سان گڏ آهي جن کي عوام هميشه لاءِ مسترد ڪيو آهي _ هن چيو ته عمران خان ڪرپشن ڪرپشن جو گوڙ ڪري ٿو پر خيبرپختونخواهه  جي وزير اعليٰ تي بدعنواني جي سنگين الزامن جي باوجود ڪا ڪارروائي  نه ڪئي وئي آهي ڪٿي وئي  سندس احتساب  ڪميشن ؟خان صاحب جي هڪ  تمام ويجهي  دوست  کي عدالتن نااهل ترين قرار ڏنو آهي ۽   ان کان وڏي منافقت ڇا ٿي سگهي ٿي ته مورثي سياست جي خلاف گوڙ ڪرڻ وارن انهي نااهل ترين جي پٽ کي سندس جانشين قرار ڏنو آهي _ عمران خان تبديلي جا نعرا لڳائيندي لڳائيندي  پاڻ تبديل ٿي ويو آهي _ هن چيو ته پي ٽي آئي وارا پنهنجن دماغن تي ايترو  زور نه وجهن جلد آصف علي زرداري کين سياست سيکاريندو  _ هن چيو ته سنڌ ۾ سياسي يتيمن جو ٽولو گڏ ڪيو پيو وڃي ان ٽولي  کي گرانڊ ڊس فنڪشنل الائينس چيو ويندو آهي _    هر اليڪشن ۾ پاڪستان پيپيلزپارٽي جي خلاف اهو ئي ٿيندو آهي  ۽ ان تي الزام لڳايا ويندا آهن پر  عوام ڄاڻي ٿي ته   جيڪڏهن پاڪستان جي آزادي کانپوءِ ڪنهن سياسي جماعت ڪم ڪيو آهي ته ته اها فقط پي پي پي آهي _ هن چيو ته سياسي يتيم ٻڌي وٺو  جهڙي سنڌ کي لطيف سائين  ۽ لعل شهباز قلندر جهڙن بزرگن جي دعا  آهي اهي ڪڏهن تباهه نه ٿيندو بلڪه  توهان جي سياست تباهه ٿي ويندي _ هن چيو ته مون پنهنجي مختصر سياسي سفر ۾ بدين کان هڪ سبق سکيو آهي ۽ اهو حضرت علي جو هڪ قول آهي ته ڪم ظرف تي احسان ڪيو ۽ ان جي شر کان بچو _ هن چيو ته اڄ آئون بدين جي ان علائقي ۾ بيٺو آهيان جنهن سان پي پي پي جو دلي رشتو آهي _ بدين جو عوام ايماندار، وفادار ۽ جرئت مند آهي جيڪو پي پي پي سان ڪڏهن واعدي خلافي نه ڪندو ڇاڪاڻ ته بدين جي عوام هميشه شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جو ساٿ ڏنو آهي _ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو بدين کي تعلقي مان ضلعي جو درجو ڏنو ۽ اتي اسپتال ۽ ڪاليج قائم ڪيا _ گئس جي پيداوار باوجود هن ضلعي جي ماڻهن کي گئس جي فراهمي نه ٿيندي هئي جيڪا شهيد محترمه بينظير ڀٽو حڪومت ۾ اچي فراهم ڪئي _بدين  ۾ ٿيليسيميا سينٽر قائم ڪيو ويو آهي جتي مفت علاج ڪيو وڃي ٿو  _ان کان علاوه بدين ۾ ٻيون اسپتالون پڻ قائم ڪيون ويون آهن جتي علاج جون مفت سهولتون مهيا ڪيون پيون وڃن ۽ اسان بدين ۾ سنڌ يونيورسٽي ڪيمپس پڻ قائم ڪيو ۽ روڊن جي انفرااسٽرڪچر تي پڻ ڪم ڪيو مونکي خبر آهي ته بدين جا ماڻهو پي پي پي سان بنا ڪنهن لالچ محبت ڪن ٿا ۽ اسان به انهن جي بنا ڪنهن لالچ جي خدمت ۾ يقين رکون ٿا _ هن شهيد فاضل راهو جي 31 ورسي جي موقعي تي شهيد فاضل راهو کي زبردست ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته شهيد فاضل راهو سنڌ جو بهادر فرزند هو جنهن مرڻ گهڙي تائين عوامي خدمت ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو ۽ سندس ايم آرڊي ۾ جيل ڀريو تحريڪ دوران اڳواڻي وارو ڪردار رهيو _ ، آئون سندس قرباني ۽ جدوجهد کي سلام پيش ڪيان ٿو _ هن چيو ته بدقسمتي سان اڄوڪي ڏينهن تي 1987 ۾ ضياء دور ۾ هڪ سازش تحت شهيد فاضل راهو جي بهادر ۽ تاريخي ڪردار کي شهيد ڪيو ويو _ ان موقعي تي  سنڌ جي وڏي وزيرسيد مراد علي شاهه چيو ته شهيد فاضل هڪ عظيم شخصيت هو جنهن پنهنجي سڄي ڄمار عوام جي خدمت ڪئي ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سان گڏجي ايم آر ڊي تحريڪ ۾ آمريت جو مقابلو ڪيو ۽ اڄ کان 31 سال اڳ کيس شهيد ڪيو ويو _ هن چيو ته بدين ضلعو هميشه کان پي پي پي جو ڳڙهه رهيو آهي ۽ شهيد فاضل راهو جي خاندان جي پي پي پي جي شموليت سان بدين ۾ پي پي پي مضبوط ٿي وئي آهي ۽ هاڻي ڪو به مخالف هتي پي پي پي کي شڪست نٿو ڏئي سگهي _ هن چيو ته مونکي يقين آهي ته هتان جو عوام بلاول ڀٽو کي ڪامياب بڻائي ملڪ جو وزير اعظم بڻائيندا ڇاڪاڻ ته هن وقت بلاول ڀٽو کان علاوه ڪوٻيو اڳواڻ نه آهي جنهن تي عوام اعتماد ڪري  _ان موقعي تي صوبائي وزيرن نثارکهڙو ، ڄام مهتاب حسين ڏهر ، ڊاڪٽر سڪندر منڌرو ، سيد ناصر حسين شاهه ، محمد علي ملڪاڻي ، سينيٽر سسئي پليجو ، ايم اين اي سيد نويد قمر ، راشد رباني سميت ٻين صوبائي  ۽قومي اسيمبلي جي ميمبرن ، پارٽي عهديدارن کان علاوه عوام جو وڏو انگ موجود هو.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *