مظفر ڳڙهه ۾ ڪوهيڙ سبب روڊ حادثو، هڪ ئي ڪٽنب جا 5 ڀاتي فوت

اسلام آباد (اي پي پي) پنجاب جي شهر مظفر ڳڙهه ۾ ڪوهيڙي جي نتيجي ۾ روڊ حادثي ۾ هڪ ڪٽنب جا پنج ڀاتي فوت ٿي ويا. خبر موجب مظفر ڳڙهه لڳ آچر ڏينهن شديد ڪوهيڙي جي ڪري هڪ ٽرالر ٻن موٽرسائيڪلن کي زوردار ٽڪر هنيو جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪلن تي سوار هڪ ئي ڪٽنب جا پنج ڀاتي اجل جو شڪار ٿي ويا.ٽيمن جي ڪارڪنن مطابق 2 موٽرسائيڪلن سوار 5 ڄڻا ملتان پاسي وڃي رهيا هئا ته سامهون ايندڙ ٽريلر مٿن چڙهي ويا، جنهن ۾ 5 ئي ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو پر زخمن جا سور نه سهدي فوت ٿي ويا، زخمي ٿيل 5 ئي ڄڻن کي امدادي ٽمين جي ڪارڪنن مظفر ڳڙهه جي ضلعي اسپتال ۾ پهچايو،جن رستي ۾ ئي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، افسوسناڪ واقعي سبب علائقي ۾ سوڳ واري صورتحال ٿي وئي. ميداني علائقن ۾ صبح ۽ رات جي وقت شديد ڪوهيڙي جي ڪري روڊ حادٿن ۾ اضافو ٿيو آهي جنهن ڪري اختيارين طرفان ماڻهن کي رستن تي گاڏيون احتياط سان هلائڻ جي تاڪيد ڪئي ويئي آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *