مظفر ڳڙهه: کوهه جي کوٽائي دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب 8 پورهيت فوت، 2 زخمي

مظفر ڳڙهه(اي پي پي) پنجاب جي شهر مظفر ڳڙهه لڳ ڳوٺ گوڌپور کوهه جي کوٽائي دوران بجلي جي شاڪ لڳڻ سبب 8 پورهيت فوت ٿي ويا جڏهن ته 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. خميس ڏينهن مظفر ڳڙهه کان 35 ڪلوميٽر پري شاهه جمال ٿاڻي جي حد ۾ واقع ڳوٺ ۾ بدنصيب پورهيت کوهه جي کوٽائي بعد ان ۾ هڪ لوهه جو پائيپ لڳائي رهيا هئا ته اهو پائيپ مٿان کان گذرندڙ هاءِ پاور بجلي جي لائين سان ٽڪرائجي ويو جنهن جي نتيجي ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب 8 پورهيت فوت ٿي ويا ۽ 2 زخمي ٿي پيا. فوت ٿيل پورهيت جي سڃاڻپ ظفر حسين، محمد نذر، قادر بخش، منظور احمد، الهداد، محمد اسلم، محمد شاهد ۽ محمد رياض جي نالن سان ٿي آهي جڏهن ته زخمين ۾ محمد حفيظ ۽ عبدالله شامل آهن. واقعي بعد فوتين جا مڙهه ۽ زخمين کي ضلعي هيڊڪوارٽر اسپتال مظفر ڳڙهه پهچايو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *