مظفر آباد لڳ مسافر وين ڪلٽي ٿيڻ بعد اونهي کاهي ۾ ڪري پئي، 7 مسافر فوت، 7 زخمي

مظفرآباد(م.ڊ) آزاد ڪشمير جي گادي واري هنڌ مظفر آباد لڳ اصغر آباد ۾ مسافر وين اونهي کاهيءَ ۾ ڪرڻ جي نتيجي ۾ 7 مسافر اجل جو شڪار ۽7 زخمي ٿي پيا. ذريعن مطابق مظفر آباد کان 10 ڪلوميٽر پري اصغر آباد وٽ مسافر وين تيز رفتاري سبب ڪلٽي ٿيڻ بعد اونهي کاهي ۾ ڪرڻ جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا فوت ۽ 7 زخمي ٿي پيا. پوليس واقعي جي اطلاع بعد علائقي ۾ پهچي امدادي سرگرميون شروع ڪري ڇڏيون ۽ لاشن ۽ زخمين کي مقامي اسپتال منتقل ڪيو. زخمين مان گهڻن جي حالت نازڪ آهي.سال 2014 ويندي ويندي به اک ڏيکاريندو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *