مظفر آباد جَي شهر راولا ڪوٽ ويجهو مسافر وين ڪلٽي،9 ڄڻا فوت ۽ 12 زخمي

مظفرآباد (بيورو) مظفر آباد جَي شهر راولا ڪوٽ ويجهو مسافر وين ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ نــَـو ڄڻا فوت ۽ 12 زخمي ٿي پيا آهن. راولپنڊي کان مظفر آباد ويندڙ مسافر ڪوچ ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪرڻ سبب راولا ڪوٽ ويجهو کاهي ۾ڪري پئي. حادثي جَي نتيجي ۾ نــَـو  ڄڻا تڏي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته عورتن ۽ ٻارڙن سميت 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا. اطلاع ملڻ تي پوليس ۽ امدادي رضاڪارن پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال راولا ڪوٽ منتقل ڪيو، جتي زخمين کي طبي امداد فراهم ڪئي پئي وئي. ڊاڪٽر موجب، زخمين مان  ڪجهه جي حالت نازڪ آهي، جن کي شروعاتي طبي امداد ڏني پئي وڃي. پوليس جو چوڻ آهي ته حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *