مصطفٰي ڪمال جيڪا پارٽي ٺاهي رهيو آهي اهڙيون پارٽيون ماضي ۾ به ٺهنديون هيون: نثار کهڙو

خيرپور  (ڊ ر) سنڌ جي تعليم کاتي واري سينيئر وزير نثار احمد کهڙو چيو آهي ته ملڪ جي آئين ۾ اجازت آهي ته ڪو به ماڻهو پنهنجي پارٽي ٺاهي سگهي ٿو، مصطفٰي ڪمال جيڪا پارٽي ٺاهي رهيو آهي اهڙيون پارٽيون ماضي ۾ به ٺهنديون هيون. وزير اعظم نواز شريف جوڻيجو ليگ مان نڪري (ن) ليگ ٺاهي پگارا ليگ هن کان اڳ ۾ هئي. اهڙو اظهار هن انڊس ريسورسز سينٽر پاران ڪوٽ قلعي جي هيريٽيج پارڪ ۾ تعليمي ميلي ۾ مهمان خاص طور شرڪت ڪندي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو هن چيو ته سڀ کان وڌيڪ ۽ مضبوط ادارو عوام جي طاقت آهي عوام جنهن کي چونڊيندي ڪندي اهوئي حڪومت ڪندو آءِ جي سنڌ مٿان الزام هئا جنهن جي تبديلي لاءِ سپريم ڪورٽ آرڊر ڪيو آهي سنڌ ۾ امن وامان لاءِ رينجرز پوليس سان گڏجي ڪم ڪري رهي آهي نثار احمد کهڙو چيو ته تعليمي ميلو مچائڻ تي آءِ آر سي کي مبارڪباد ٿو ڏيان ته انهن ڪوٽ قلعي ڀرسان هيريٽيج پارڪ ۾ ٻارڙن جي ميلاپ، تفريح ،تعليم ، هنري صلاحتين کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪوشش ورتي آهي جنهن سان سنڌ ۾ ثقافت کي اجاگر ڪرڻ جو موقعيو مليو آهي سنڌ ۾ شهري ۽ ٻهراڙي واري مسئلي ۽ فرق کي ختم ڪرڻو آهي سنڌ اسانجي ماءُ آهي هن چيو ته اهڙين سرگرمين سان سٺو رواج قائم ٿيندو اهڙا پروگرام سنڌ جي ٻين شهرن ۾ به ٿيڻ گهرجن هن چيو ته تعليمي ميلي سان ايڪو نظر اچي ٿو ۽ هن ايڪي سان اسان وڌيڪ مضبوط ٿيندا سين اسڪائوٽ، جمبوري، گرلز گائيڊ ۽ ٻين تقريبن سان ماحول ۾ تبديلي ايندي آهي ۽ شاگرد ۽ شاگرياڻين کي پنهنجي صلاحتين جو مظاهرو ڪرڻ جو موقعيو ملندو آهي هن سنڌ واسين کي اپيل ڪئي ته هو حڪومت سان سهڪار ڪندي راندين سان ميدان آباد ڪرڻ ۾ مدد ڪن ڇو ته راند جا ميدان آباد ٿيندا ته اسپتالون ويران ٿينديون ڳوٺن ۽ شهرن ۾ فرق ختم ڪرڻو آهي ان موقعي تي آءِ آر سي جي ميڊم صادقه صلاح الدين خطاب ڪندي وزير تعليم جو شڪريو ادا ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *