مصطفيٰ ڪمال ۽ انيس قائمخاني جو پلان اي ايم ڪيو ايم کي ٽيڪ اوور ۽ پلان بي پنهنجي پارٽِي ٺاهڻ هيو: نبيل گبول

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سينئر سياستدان نبيل گبول چيو آهي ته مصطفيٰ ڪمال ۽ انيس قائمخاني جو پلان اي ايم ڪيو ايم کي ٺيڪ اوور ۽ پلان بي پنهنجي پارٽي ٺاهڻ هو ٻنهي جي رهائشگاهن ڏانهن دوربين لڳائي ڇڏي آهي ۽ اتي رات جي اونداهي ۾ ڪجهه ماڻهو برقا پائي به اچي رهيا آهن هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته مان اهو نه چوندس ته مصطفيٰ ڪمال کي آندو ويو آهي ايم ڪيو ايم جي اصل طاقت رابطا ڪميٽي نه آهي پر اصل طاقت سينٽر ۽ يونٽ جا انچارج آهن ۽ انيس قائمخاني انهن ماڻهن سان ئي رابطي ۾ آهي. هن چيو ته ميڊيا ۾ ايم ڪيو ايم جي موجوده حالتن جي پس منظر ۾ اڳواٽ هڪ صديقي جو ذڪر ڪيو هو ۽ هاڻي به ڪيترائي ماڻهو آهن پر مان انهن جي زندگين کي لاحق خطري سبب انهن جو نالو نه وٺندس. هن چيو ته مان مصطفيٰ ڪمال ۽ انيس قائمخاني جي رهائشگاهه طرف دور بين لڳائي ڇڏي آهي جنهن سبب سڀ ڪجهه چٽو نظر اچي رهيو آهي ڪيترائي ماڻهو رات جي پوئين پهر اچي رهيا آهن ۽ انهن ۾ ڪجهه برقا پائي به اچي رهيا آهن ايم ڪيو ايم جي خوف جو ماحول هاڻي به برقرار هجڻ واري سوال تي هن چيو ته هي ماحول مڪمل ختم ته ناهي ٿيو پر ٻنهي سبب 50 سيڪڙو ختم ٿي ويو آهي. هن چيو ته ماڻهوءَ جي زندگي جي ڪا به خبر ناهي مصطفيٰ ڪمال ۽ انيس قائمخاني پلان اي ۽ پلان بي کڻي آيا هئا پلان اي مطابق الطاف حسين جي نه هئڻ جي صورت ۾ پارٽي کي ٽيڪ اوور ڪرڻ جڏهن ته پلان بي ۾ پنهنجي جماعت ٺاهڻ هيو ۽ هاڻي اهي پلان بي تي ڪم ڪري رهيا آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *