مصطفيٰ ڪمال پنهنجي سياسي پارٽي  جو نالو“پاڪ سر زمين”رکي ڇڏيو، ايندڙ مهيني وڏي جلسي جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم جي باغي اڳواڻ ۽ اڳوڻي سٽي ناظم مصطفيٰ ڪمال پنهنجي سياسي پارٽي  جو نالو“پاڪ سر زمين”رکي ڇڏيو.ڪراچي ۾ جلسي دوران ايم ڪيو ايم جي باغي اڳواڻن ۽ عوام اڳيان جلسي گاهه ۾ خطاب دوران مصطفيٰ ڪمال پنهنجي پارٽي جو اعلان ڪيو ۽ ايندڙ مهيني وڏي سياسي جلسي جو به اعلان ڪيو .مصطفيٰ ڪمال جلسي کانپوءِ سڌو قائد اعظم جي مزار تي پهچي گلن جي چادر چاڙهي ۽ مزار تي حاضري پڻ ڀري. سياسي پارٽي جو نالو رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي مصطفيٰ ڪمال جو چوڻ هو ته 3 مارچ تي جنهن پارٽي جو اعلان ڪيو هو اُن جو نالو پاڪ سرزمين رکيو ويو آهي آئينده وطن جي بنياد رکڻ ۽ وطن پرستي جو ڏينهن هڪ گڏ ملهايو ويندو جڏهن ته 24 اپريل تي پارٽي جلسي جو به اعلان ڪندي هن چيو ته باغ جناح گرائونڊ ۾ ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو جلسو ڪنداسين. هن چيو ته اسان ڪراچي ۾ ڪابه سياسي قوت يا ڪنهن جو اقتدار ڦرڻ نه آيا آهيون، مون سميت منهنجا ساٿي جيترا ماڻهو آهن انهن وٽ پهريان ئي عهدا ۽ سياسي قوت هئي پر اسان سمورا پاورز، اقتدار ۽ مراعتن کي پيرن جي نوڪ تي رکيو. اسان هتي عوام جي خدمت لاءِ آيا آهيون، اُهي ئي اسان جو مقصد آهي، نائين زيرو تان ڪامياب ٿيندڙ ايم ڪيو ايم جي ايم پي اي افتخار عالم سان اسانجو ڪوبه رابطو نه هو پر هو ضمير جي آواز تي اسان سان گڏجي ويو. مصطفي ڪمال جو چوڻ هو ته اسان وٽ اختيار هئا اسان هڪ هڪ شخص کي ڊيليور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. افسوس آهي ته اڄ پاڪستاني مختلف ٽڪرن ۾ ورهائجي ويا ڪو مذهب جي نالي تي، ڪوبه نسلي بنياد تي، ڪو قوميت جي بنياد تي ڪو سياسي پارٽين جي بنياد تي ورهايل آهي. هن چيو ته سڀ کان وڏو فساد جي جڙ پارٽي جو جهنڊو هوندو آهي، انهيءَ لاءِ اسان پنهنجي پارٽي جو جهنڊو ئي ناهي ٺاهيو،اليڪشن ڪميشن کي جيڪڏهن جهنڊي جي ضرورت آهي ته اُن لاءِ بڻائينداسين پر ڪارڪنن جي هٿن ۾ پارٽي جو نه پر پاڪستان جهنڊو ڏينداسين، ڪوبه قانون ۽ ائين مونکي قومي جهنڊي ۾ ويڙهجڻ کان نٿو روڪي سگهي، اسان پاڪستانين کي رنگ ۽ نسل جي بنياد تي تقسيم ٿيڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته ڪجهه ماڻهو ماڻهو هزارين ميل پري ويهي ماڻهن جا فيصلا ڪندا آهن ملڪ جيڪو نظام آهي اُن ۾ عوام جي راءِ شامل هئڻ جو موقعو نٿو ڏنو وڃي، پنهنجن فيصلن ۾ عوام جي راءِ شامل ڪنداسين، نون صوبن جي ڳالهه ڪندي هن چيو ته پهريان بلدياتي نظام بحال ڪرڻو پوندو. هن چيو ته گهٽين ۽ پاڙن ۾ ڪم جو اختيار نه ڏنو ويو ته ڪوبه اوهان جو نه هوندو. ائين جي آرٽيڪل 148 تحت پاڪستانين کي اختيار ڏيارڻو آهي، جيڪڏهن چاهيو ٿا ته ملڪ جي25 ڪروڙ عوام هن ملڪ کي پنهنجو بلدياتي نظام ڏيو، اختيارن نه ڏنا ويا ته پوءِ نوان صوبا ٺاهي ڇا ڪنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *