مصطفيٰ ڪمال جون مون بابت ڳالهيون بي بنياد ۽ ڪوڙ تي ٻڌل آهن: رحمان ملڪ

اسلام آباد (اين اين آءِ) پ پ سينيٽر رحمان ملڪ چيو آهي ته مصطفيٰ ڪمال جون مون بابت ڳالهيون من گهڙت، بي بنياد ۽ ڪوڙ تي ٻڌل آهن، اڳوڻي سٽي ناظم مصطفيٰ ڪمال جي پريس ڪانفرنس تي رد عمل ڪندي هن چيو ته ايم ڪيو ايم جو پڌرنامو لکرائڻ نه منهنجو ڪم هو ۽ نه ڪڏهن لکيو آهي پر گڏيل پڌرنامو جڏهن ٻنهي پارٽين جي ملاقات کانپوءِ شايع ڪرڻو هوندو هو ته ان ۾ ٻنهي پارٽين جي راءِ ضرور شامل هوندي هئي، هن چيو ته الطاف حسين سان منهنجون ملاقاتون سدائين صوبي ۽ وفاق ۾ اتحادي حڪومت کي مستحڪم ڪرڻ ۽ لوڪل باڊي آرڊيننس لاءِ ٿينديون هيون جن ۾ سنڌ جو گورنر يا فاروق ستار موجود هوندو هو، گهرو وزير جي حيثيت سان الطاف حسين ڪڏهن به ڪنهن ڪرمنل ڪارڪن جي حمايت جو نه چيو آهي ۽ نه ئي ڪڏهن ان جي ڪارڪن سان را جو تعلق بحث هيٺ آيو، ايم ڪيو ايم سان ملاقاتن ۾ هميشه پارٽي جي نمائندگي ۽ حمايت ڪئي آهي، الطاف حسين سان ملاقاتون ڪو ڳجهو راز نه هوندو هو جن کي مصطفيٰ ڪمال وڌائي ڪوڙ ۽ بنياد الزامن طور پيش ڪري رهيو آهي، واضح رهي ته پريس ڪانفرنس ۾ مصطفيٰ ڪمال دعويٰ ڪئي هئي ته رحمان ملڪ ايم ڪيو ايم لاءِ پريس رليز لکندو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *