مصباح الحق کانسواءِ پاڪستان ٽيم لاءِ انگلينڊ ڪنڊن جي سيج هوندي: جيفري  بائيڪاٽ

لنڊن (اسپورٽس نيوز) انگلينڊ جي اڳوڻي ڪپتان ۽ موجودا ڪرڪيٽ ماهر جيفري  بائيڪاٽ خبردار ڪيو آهي ته مصباح الحق کانسواءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ انگلينڊ ڪنڊن جي سيج هوندي،مهمان بيٽسمينن کي جيمز اينڊرسن ۽ اسٽورٽ براڊ کي منهن ڏيڻ صولو نه هوندو.پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ جيفري بائيڪاٽ جو چوڻ هو ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم تازو انگلينڊ کي ٽيسٽ سيريز ۾ مات ڏني پر ون ڊي سيريز ۾ ڪاميابي سندن قدم نه چومي سگهي.ايندڙ سال پاڪستان کي انگلينڊ  جو دورو ڪرڻو آهي،جيڪو پاڪستان ٽيم  جو 2010 ع جي فڪسنگ اسڪينڊل کانپوءِ انگلينڊ ملڪ ۾ پهريون دورو هوندو،هڪ ڀيرو ٻيهر ڪرپشن جا الزام پاڪستان مٿان لڳي سگهن ٿا،جيفري بائيڪاٽ ان حوالي سان چوي ٿو ته هِن اسڪينڊل کانپوءِ پاڪستاني رانديگرن جو رويو بهتر ٿيو ۽ پاڻ کي ڪنٽرول ۾ رکيو آهي،اصل اهميت ڪپتان جي هوندي آهي ته هو ٽيم لاءِ ڪهڙي ”ٽون“ ٿو تيار ڪري ۽ پاڪستان وٽ مصباح الحق جي شڪل ۾ بهترين ڪپتان موجود آهي جيڪڏهن هو ايندڙ سال انگلينڊ جي دوري تي اچي ٿو ته پاڻ کي ۽ رانديگرن کي ٿڌو رکي ۽ جيڪڏهن صباح الحق نه ٿو اچي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي ڪنهن سُٺي ڪپتان جي ڳولا هيئنر کان ڪرڻ گهرجي،نه ته هڪ ڀيرو ٻيهر انگلينڊ جو دورو پاڪستان لاءِ مسئلا کڻي سگهي ٿو.انگلينڊ اڳوڻي ڪپتان جيفر بائيڪاٽ چٽو چيو ته پاڪستان جي بيٽنگ لائن انگلينڊ  ڪنڊيشنز ۾ وڏي آزمائش هوندي،اسٽورٽ براڊ،جيمز اينڊرسن ۽ ٻين فاسٽ بالرن جي سامهون بيٽنگ ڪرڻ پاڪستان ٽيم لاءِ انتهائي مشڪل هوندو،هتي اڳ ۾ ئي بال حوا  ۾ سوئنگ ڪري ٿو ۽ مان عرب عمارات ۾ ٿيندڙ مقابلن ۾ به پاڪستاني بيٽسمينن کي  سوئنگ بال کي ڪيڏڻ کان ڪيٻائيندي ڏٺو،سندس وڌيڪ چوڻ هو ته منهنجي يارڪشائر ۾ يونس خان سان ملاقات ٿي هو وڏو بااخلاق ۽ پريشان ڪندڙ بيٽسمين آهي،بائيڪاٽ جو چوڻ آهي ته يونس خان ۽ جاويد ميانداد دنيا جا بهترين رانديگر آهن،مون پنهنجي وقت ۾ گيري سوبرز جو سڀ کان وڏو رڪارڊ ٽوڙيو پوءِ منهنجو رڪارڊ سنيل گواسڪر ٽوڙيو،ان جو اهو مطلب ناهي ته مان سوبرز کان وڏو رانديگر ٿي ويو آهيان يا سنيل گواسڪر مونکان وڏو رانديگرٿي ويو،ان لاءِ ڪنهن به رانديگر جون رنسون گهڻيون ڏسي ان کي وڏو رانديگر چوڻ به سُٺو ناهي هوندو،پر مان پنهنجي ڪيريئر ۾ يونس خان کي وڏو رانديگر،وڏو انسان ۽ سُٺو دوست ڏٺو،سندس چوڻ هو ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي نقصان پهچائيندڙ ڪرڪيٽر محمد عامر،سلمان بٽ ۽ محمد آصف پنهنجون سزائون ڪاٽي چڪا آهن،مان انهن کي سڄي زندگي راند کان پري رهڻ جو سوچي رهيو هُس ۽ ٽنهي رانديگرن جو مخالف به هيس، پر  کين هاڻي راند کيڏڻ جي اجازت ڏني وڃي،جيڪڏهن عامر هاڻي ڪا به غلطي ڪندو ته پوءِ سوچي ڇڏي ته ڪرڪيٽ لاءِ کين دروازا بند آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *