مشهور پاڪستاني ٽي وي ميزبان شائسته لوڌيءَ ٻين شادي ڪري ورتي

ڪراچي (شوبز نيوز) مشهور پاڪستاني ٽي وي ميزبان شائسته لوڌيءَ ٻين شادي ڪري ورتي آهي. گذريل سال پنهنجي مارننگ شو دوران مذهب جي توهين ڪرڻ جي الزامن کان پوءِ ٽي وي اسڪرين تان برابر غائب رهندڙ شائسته لوڌيءَ پنهنجي شاديءَ جو اعلان لِڪل انداز ۾ ٽوئٽر تي ڪيو. شائسته لوڌيءَ ٽوئٽر پيغام ۾ شاديءَ بابت هڪ قرآني آيت شيئر ڪئي آهي، جنهن جي آخر ۾ هن پرڻيل هجڻ تي خدا جو شڪر به ادا ڪيو آهي. پر هُن پنهنجي چاهيندڙن کان پنهنجي مڙس جي سڃاڻپ مڪمل طور لِڪائي آهي. شائسته لوڌي 2002ع ۾ پنهنجي اڳوڻي مڙس کان طلاق وٺي ڇڏي هئي. گذريل سال مذهب جي توهين جي الزام کان پوءِ شائسته لوڌيءَ پنهنجي 3 ٻارن سان دبئيءَ منتقل ٿي وئي هئي ۽ رمضان جي مهيني ۾ ڪراچي آيل آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *