مشهور فلم ”دل“ جو سيڪوئل ٺاهڻ جون تياريون 

ممبئي (شوبز نيوز) باليووڊ جي مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان ۽ ماڌوري ڊڪشٽ جي مهشور فلم ”دل“ جو سيڪوئل ٺاهڻ جون تياريون مڪمل ڪيون ويون. 90 واري ڏهاڪي ۾ رليز ٿيندڙ بلاڪ بسٽر فلم ”دل“ ۾ عامر خان ۽ ماڌوري جي جوڙي کي خوب پسند ڪيو ويو هو ۽ فلم ٻنهي اداڪارن جي ڪيريئر جي بهترين فلمن مان هڪ هئي، جنهن عامر خان ۽ ماڌوري ڪريئر ۾ به وڏو عروج ڏنو. هن رومانوي فلم کي هڪ ڀيرو ٻيهر ٺاهڻ جون تياريون جاري آهن. ڀارتي ميڊيا موجب مشهور ڀارتي هدايتڪار اندرا ڪمار جو چوڻ آح يته ڪافي عرصي کان ”دل“ فلم جو سيڪوئل ٺاهڻ جي رٿابندي ڪري رهيا هئاسين، هاڻ فلم جو اسڪرپٽ جاندار ڪهاڻي سان مڪمل ڪيو ويو آهي، جنهن جو نالو “دل اگين” رکيو ويو آهي. فلم جو اسڪرپٽ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ هدايتڪار مرڪزي اداڪارن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي. اندرا ڪمار جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ فلم “ٽوٽل ڌمال” هلندڙ مهيني 22 فيبروري تي رليز ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *