مشن کڻي نڪتو آهيان، خواهش آهي ته شاهد خاقان ايندڙ مدي لاءِ وزير اعظم رهي: نواز شريف

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف اسلام آباد کان لاهور روانگي لاءِ سفر جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي. ميان نواز شريف جي روانگي کان اڳ وزير اعظم شاهد خاقان عباسي اڳوڻي  وزير اعظم سان پنجاب هائوس ۾ ملاقات ڪئي جنهن کان پوءِ وزير اعظم ميان نواز شريف کي ڀاڪر پائي پنجاب هائوس مان رخصت ڪيو. ميان نواز شريف جي پنجاب هائوس روانگي جو وقت صبح 10 وڳي مقرر ڪيو ويو هو پارٽي اڳواڻن سان ملاقات ۽ ڳالهين جي ڪري روانگي ۾ ڪجهه دير ٿي ۽ اڳوڻو وزير اعظم ساڍي يارهين وڳي پنجاب هائوس مان روانو ٿيو. ريلوي وارو وفاقي وزير خواجا سعد رفيق ۽ سينيٽر پرويز ميان نواز شريف سان گڏ گاڏي ۾ موجود هئا،  مري روڊ تي سمورا پيٽرول پمپ بند ڪرايا ويا ۽ مري روڊ ۽ ڀرپاسي وارا روڊ مڪمل طور بند رهيا، . ان موقعي تي ڪارڪنن جو وڏو انگ  جهنڊا کڻي ميان نواز شريف جي قافلي سان گڏ هيو، مسلم ليگ ن جي ريلي جي لاءِ خاص طور تي تيار ڪيل ميان نواز شريف جي قافلي سان گڏ گاڏي ۾ اسپيڪر ۽ سائونڊ سسٽم لڳايو ويو آهي جڏهن ته ان جي مٿان اڳوڻي وزير نواز شريف ۽ مريم نواز جا پوسٽر لڳل آهن. اها خاص وين اڳوڻي وزير اعظم سان جي قافلي سان گڏ لاهور ويندي، ان کان سواءِ اسپيڪر ۽ سائونڊ سسٽم جي سان گڏ 8 خاص گاڏيون تيار ڪيون ويون آهن. سمورن شهرن ۾ نواز شريف جي ريلي جو استقبال ايم اين اي ۽ ايم پي اي ڪندا. ريلي تي رستن تي جاءِ جاءِ تي ڪيمپ لڳايا ويا آهن جتي ڪارڪنن جي لاءِ پاني ۽ کائڻ جو به انتظام هوندو. ريلي پنجاب هائوس کان مارگلا روڊ، ميريٽ هوٽل سگنل کان ڊي چوڪ کان گذري ۽ ڊي چوڪ تي اسلام آباد جي مختلف سيڪٽرن مان جمع ٿيل ڪارڪن استقبال ڪيو،  ريلي ڊي چوڪ کان جناح ايونيو ۽ ايڪسپريس هاءِ وي کان فيض آباد پهچندي، راولپنڊي ۾ سمورن چوراهن تي پاڻي، کاڌي ۽ سائونڊ سسٽم جا ڪيمپ لڳا ويا هئا، وزارت تان هٽائڻ بعد اڳوڻو وزير اعظم نواز شريف اسلام آباد کان لاهور روانو، جڳهه تي متوالن جا هجوم، 10 منٽن جو سفر  6 ڪلاڪن ۾ طئي ٿيو، عوام جي پيهه سبب نواز شريف جي  قيام جو منصوبو تبديل ڪيو ويو، رات پنجاب هائوس راولپنڊي ۾ گذارڻ بعد صبح جهلم جي لاءِ روانو ٿيندو،  جڏهن ته ريلي مريڙ چوڪ کان ڪچهري کان ٿيندي جي روڊ تي داخل ٿيندي. ريلي جي استقبال جي لاءِ ڪچهري چوڪ تي وڪيل ۽ راولپنڊِ ڪينٽ جا سمورا پارليامينٽرينز موجود هوندا، ريلي ڪچهري کان ايوب پارڪ، ڪهوٽا موڙ ۽ ٽي چوڪ پهچندي، ريلوي روات بازار، چڪ بيلي اسٽاپ، مندره ۽ گوجر خان کان گذرند . ريلي ڪامونگي، مريد ڪي ۽ شاهدره کان ٿيندي لاهور ۾ داخل ٿيندي، سوهاوه، دينا، جهلم سرائي عالمگير، کاريان ۽ لالي موسيٰ کان گذرندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ريلي دوران نواز شريف جي ڪچهري چوڪ راولپنڊي، روات بازار، گوجر خان، جهلم، لالا موسيٰ، گجرات ۽ وزير آباد ۾ عوام سان خطاب جو امڪان آهي. گهرو وزارت موجب اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف کي بلٽ پروف گاڏي ۾ لاهور آندو ويندو ۽ سيڪيورٽي ڪليئرنس کان پوءِ ان کي گاڏي کان ٻاهر نڪرڻ جي اجازت هوندي. صوبائي گهرو وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ريلي جي رستي ۾ بازار بند رکيا ويا آهن ۽ پوليس جا هٿياربند اهلڪار ۽ نشاني باز ڇتين تي مقرر ڪيا ويا آهن. راولپنڊي ۾ پوليس ريلي جي رستي ۾ ايندڙ گهرن ۽ دڪانن جي مالڪن کان حلف ناما ورتا آهن جنهن موجب انهن کان حلف ورتو ويو آهي ته پنهنجي مڪان يا دڪان کي قانون خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏينداسين، پنهنجي دڪان يا مڪان جي ڇت تي ڪنهن کي حرڪت نه ڪرڻ ڏينداسين جڏهن ته ريلي روڊ تي شڪي ماڻهن جي نشاندهي ڪندس. ڪنهن به ناخوشگوار واقعي کان بچڻ جي لاءِ جي ٽي روڊ تي موجود تحريڪ انصاف جي آفيس کي بند رکيو ويندو ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن کان ريلي جي رستي ۾ گڙٻڙ نه ڪرڻ جو يقين ورتو ويو. روانکي کان اڳ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته عوام جا ٿورا مڃڻ ۽ هڪ مشن کڻي وڃي رهيو آهيان.  پنجاب هائوس اسلام آباد کان روانگي جي موقعي تي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي ۽ ٻين پارٽي اڳواڻڻ سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي نواز شريف چيو ته خواهش آهي ته شاهد خاقان عباسي ايندڙ مدي لاءِ وزير اعظم رهي، جيڪو ڪم مون شروع ڪيو هاڻ هي ان کي مڪمل ڪندو. هن چيو ته شهباز شريف پنجاب جي جان ۽ پاڪستان جي شان آهي، هن پنجاب کي رول ماڊل بڻايو آهي، شهباز شريف اڃان به گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي.  پنهنجي گهر وڃي رهيو آهيان ان جي پٺيان ڪو به مقصد ناهي، هڪ مشن کڻي وڃي رهيو آهيان، جنهن عوام مون کي چونڊيو ان جا ٿورا مڃڻ لاءِ وڃي رهيو آهيان. هن وڌيڪ چيو ته توهان سڀني جي لاءِ نيڪ خواهشون آهن، الله اسان کي پاڪستان جي ترقي ۽ عوام جي خدمت جي توفيق ڏئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *