مشرف نيب جو ڍانچو نواز شريف کان انتقام لاءِ بڻايو هو: پرويز رشيد

لاهور(اين اين آءِ) سڌ سماءَ جي وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آيه ته پرويز مشرف نيب جو ڍانچو نواز شريف کان انتقام لاءِ ٺايهو هيو محترمه بينظير ڀٽو جو احتساب هجي يا مشرف جو احتساب هجي اسان ٻنهي ۾ سرخرو ٿيا آهيون جن احتساب جي ڊپ کان ان دور ۾ مسلم ليگ (ن) کي نه ڇڏيو ۽ اڄ به نه ڇڏيندا ڇا خيبرپختونخواهه ۾ نيب جي قانونن کي تبديل ناهي ڪيو ويو، پر اتي ته اداري جي سربراهه کي ئي گهرڀيڙو ڪيو ويو ٻڌايو وڃي عمران خان جي پڇ تي ڪنهن جو پير آهي، عورتن جي حقن وارو بل پنجاب لاءِ آهي، اٽڪ کان هن پار رهندڙن کي ان کان ڊڄڻ جي ضرورت ناهي جيڪڏهن مصطفيٰ ڪمال وٽ ڪي دستاويزي ثبوت آهن ته هو سرفراز مرچنٽ جي معاملي ۾ چوڌري نثار علي خان پاران جوڙيل ڪميٽي کي پيش ڪري. اسان ته ڪراچي جون حالتون سڌارڻ لاءِ سنڌ ۾ پنهنجي حڪومت جي قرباني ڏني. اسان ته کيس حڪومت مان ڪڍي ڇڏيو هو ٻيهر کيس حڪومت ۾ ڪنهن آندو ۽ ڪنهن مضبوط بڻايو جيڪي مشرف جي آسپاس هيا اهي به پارٽنر ان ڪرائيم آهن انهن کان به پڇاڳا ٿيڻ گهرجي. عمران خان ٻڌائي هن 2004 ۾ الطاف حسين جون ڀارت ۾ تصويرون لڳل ڏٺيون پر هن ان راز کي ڇو 12 سال ظاهر نه ڪيو اهڙن خيالن جو اظهار هن ايڊوورٽائيزيشن ايسوسيئيشن جي عهديدارن جي حلف کڻڻ واري تقريب جي موقعي تي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. پرويز رشيد چيو ته عورتن وارو بل پنجاب ۾ پاس ٿيو آهي پر ان بابت ڳالهه ڪنهن ٻئي هنڌ ٿي رهي آهي پنجاب جي حد ته اٽڪ وٽ ختم ٿي وڃي ٿي جيڪي اٽڪ کان پري رهن ٿا اهي هن بل کان ڇو ڊنل آهن جيڪو شخص پشاور يا ڊيرا اسماعيل خان ۾ رهي ٿو ان کي ته هن بل مان خوفزده نه ٿيڻ گهرجي. هي بل ته راولپنڊي، ملتان، لاهور ۽ پنجاب اندر ئي لاڳو ٿئي ٿو ها جيڪڏهن ان سان پنجاب ۾ ڪا غلطي ٿي آهي جيڪا هن ڳجهي رکي آهي ۽ ٻڌائي ناهي ان بابت ڪجهه نه ٿو چئي سگهجي جيڪڏهن ڪا ان کان ڪائي غلطي ناهي ٿي ته اٽڪ کان هن طرف رهندڙن کي هن بل مان خوفزده نه ٿيڻ گهرجي. هن نيب جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ چيو ته وفاق جي ٻن وڏين جماعتن پ پ ۽ مسلم ليگ (ن) 2005 ۾ ميثاق جمهوريت تي صحيحون ڪيون هيون ۽ ان تي احتساب جي حوالي سان شقون شامل ڪيون ويون هيون سڀ ڄاڻين ٿا ته نيب جا موجوده قانون ۽ ڍانچو پرويز مشرف ٺاهيو هيو ۽ ان جو مقصد صرف نواز شريف کان بدلو وٺڻ هيو. ان زماني ۾ هنن قانونن کي استعمال ڪري جعلي پارٽي به ٺاهي وئي هئي ۽ جن کي نيب قانونن مان خوف هيو انهن ن ليگ کي ڇڏي ڏنو هيو ۽ مشرف ليگ جوائن ڪري ورتي هئي ۽ جيڪي ماڻهو ن ليگ سان گڏ رهيا اهي احتساب کان خوفزده ٿيڻ وارا نه هيا جيڪڏهن ائين هجي ها ته جڏهن نيب کي مشرف پاران پنهنجن مقصدن لاءِ استعمال ڪيو پئي ويو ته اهي ماڻهو ان وقت ئي اسان کي ڇڏي ڏين ها اسان کي نه ان وقت ڪو ڊپ هيو ۽ نه هاڻي آهي. اسانجو احتساب ته 20 سالن کان ٿي رهيو آهي ٻه دفعا محترمه بينظير ڀٽو شهيد اسان جو احتساب ڪيو ۽ پوءِ 10 سالن تائين مشرف اسان جو احتساب ڪيو. جيڪڏهن اسان کان ڪٿي بدعنواني ۽ جرم ڪرڻ ته پري جي ڳالهه آهي جيڪڏهن ڪا غلطي يا ڪوتاهي ٿئي ها ته مشرف اسان کي ڪڏهن به اسپيئر نه ڪري ها پر الحمدالله محترمه بينظير ڀٽو جو يا مشرف جو احتساب اسان ٻنهي مان ڪامياب ٿي نڪتا آهيون هن چيو ته پاڪستاني ادارن کي ٺيڪ ڪرڻ اسان جي زميواري آهي جڏهن اسان بجلي جو نظام ٺيڪ ڪرڻ جي ڳالهه ڪريون ٿا ته ڇا اهو سوچيو ويندو ته ڇو اسان بجلي کي ٺيڪ ڪري رهيا آهيون ڇا اسان ان مان خوفزده آهيون. جيڪڏهن اسان سٺي ٽرانسپورٽ جو سوچينداسين ته اهو سوچينداسين ته ان ۾ اسان کي پاڻ ويهڻو آهي ان لاءِ عوام کي ٽرانسپورٽ ڏئي رهيا آهيون اسان ماڻحن کي سهولت ڏيڻ لاءِ ۽ پاڪستان لاءِ گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *