مشرف خلاف غداري ڪيس ٻيهر کولڻ جو فيصلو

سلام آباد (بيورو) اڳوڻي صدر جنرل(ر) پرويز مشرف خلاف غداري ڪيس جي جاچ لاءِ نئين تيم جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي،جنهن جي اڳواڻي لاءِ وفاقي حڪومت پاران مختلف نالن تي غور ڪيو پيو وڃي. ذريعن مطابق نئين جاچ ٽيم ايف آئي اي سان ڳنڍيل هوندي، جيڪا ڪيس ٻيهر کوليندي. ان کان پهرين غداري ڪيس جي جاچ ڪندڙ ٽيم جو سربراهه ايف آئي اي جو ايڊيشنل ڊائريڪٽر خالد قريشي هو، جڏهن ته ميمبرن ۾ حسين اصغر ۽ مقصود الحسن شامل هئا. حسين اصغر جي برطرف ٿيڻ سبب مارچ 2014ع ۾ گڏيل جاچ ٽيم ٽٽيوئي هئي پر خالد قريشي عدالت ۾ پيش ٿيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *