پشاور(م.ڊ) اڳوڻي صدر جنرل رٽائرڊ پرويز مشرف تي حملي جي هڪ ٻئي جوابدار نياز محمد کي ڦاهي ڏني وئي. ڏوهاري نياز محمد کي سينٽرل جيل پشاور ۾ ڦاهيءَ تي لٽڪايو ويو. ڊاڪٽرن طرفان موت جي تصديق بعد جيل انتظاميه نياز محمد جو لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي سڪيورٽيءَ جا انتظام سخت ڪيا ويا هئا ۽ ڪنهن به اڻ لاڳاپيل شخص کي جيل ڏانهن اچڻ جي اجازت نه هئي. واضح رهي ته صوابي سان تعلق رکندڙ نياز محمد کي پرويز مشرف تي راولپنڊي ۾ حملي جي ڏوهه ۾ 2006ع تي ملٽري ڪورٽ ڦاهي جي سزا ٻڌائي هئي ۽ ان جي ڪجهه ڏينهن بعد ئي هري پور مان پشاور منتقل ڪيو ويو هو. 10 ڏينهن اڳ به ڊسٽرڪٽ جيل فيصل آباد ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف تي حملي جي 4 ڏوهارين کي انجام تائين پهچايو ويو هو.