مشتاق احمد کي قومي ٽيم جو عارضي هيڊ ڪوچ بڻائڻ جو فيصلو

لاهور (اسپورٽس نيوز) نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي جي ڪوچ مشتاق احمد کي قومي ٽيم جو عارضي طور هيڊ ڪوچ جي اضافي چارج ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.ميڊيا رپورٽ مطابق وقار يونس جي استعيفيٰ کانپوءِ قومي ٽيم جي هيڊ ڪوچ جو عهدو خالي هيو ۽ انهي حوالي سان پي سي بي جا ملڪي ۽ پرڏيهي اڳوڻن ٽيسٽ توڙي ون ڊي رانديگرن سان ڳالهيون جاري آهن.ذريعن کان اهو به معلوم ٿيو آهي ته جيڪڏهن انگلينڊ جي دوري لاءِ ڪوچ نه مليو ته مشتاق احمد کي عارضي(وقتي)هيڊ ڪوچ مقرر ڪري کيس ٽيم سان گڏ انگلينڊ موڪيلو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *