مسٽر شاهه جي هوندي سنڌ جون حالتون بهتر نه ٿينديون: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد(اي پي پي)سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس امير هاني مسلم لينڊ ڪمپيوٽرائيزيشن بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا آهن ته جيستائين مسٽر شاهه رهندو، سنڌ جون حالتون بهتر نه ٿينديون، سپريم ڪورٽ ۾ لينڊ ڪمپيوٽرائيزيشن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران عدالت پنجاب، بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا جي لينڊ ڪمپيوٽرائيزيشن تي اطمينان ڏيکاريو، جڏهن ته سنڌ ۾ زمينن جا معاملا ڪمپيوٽرائزڊ نه ٿيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، ان موقعي تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته سنڌ ۾ عدالتي حڪمن کي انتظامي معاملن ۾ منجهايو وڃي ٿو، جسٽس امير هاني مسلم ريمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن نيت هجي ها ته سنڌ ۾ به زمينن جو رڪارڊ ڪمپيوٽرائيزڊ ڪيو ويو هجي ها، 5 سالن ۾ هڪ ضلعي جو رڪارڊ به ڪمپيوٽرائيزڊ ناهي ٿيو ۽ ان عرصي دوران هڪ شڪايت تي به انڪوائري يا انسپيڪشن ناهي ڪئي وئي، هن وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته جيستائين مسٽر شاهه رهندو، تيستائين سنڌ جون حالتون صحيح نه ٿينديون، سپريم ڪورٽ سنڌ روينيو ڊپارٽمينٽ کان لينڊ ڪمپيوٽرائيزيشن بابت اڳڀرائي جي رپورٽ ٻن مهينن اندر گهرائيندي ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي ڪراچي ۾ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *