مسيحي جوڙي کي ساڙڻ وارو واقعو، عدالت اڳڀرائي بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي

اسلام آباد(بيورو)سپريم ڪورٽ ڪوٽ راڌا ڪشن ڪيس ۾ وڌيڪ اڳڀرائي بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي، جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ان موقعي تي پوليس طرفان رپورٽ پيش ڪئي وئي جنهن ۾ عدالت کي ٻڌايو ويو ته ڪيس ۾ نامزد 140 جوابدارن مان 80 کي گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن ته 3 مرڪزي جوابدارن مان 2 کي گرفتار ڪري ورتو ۽ ٽئين جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، جسٽس عظمت سعيد ان موقعي تي پوليس جي رپورٽ تي پنهنجن ريمارڪس ۾ چيو ته پوليس جي ٺاهيل رپورٽ مان لڳي ٿو ته معاملي کي سنجيده ناهي ورتو ويو جڏهن ته هي عالمي معاملو آهي جنهن سبب پرڏيهي پاڪستان جي بدنامي ٿي  جسٽس عظمت سعيد جو چوڻ هو ته پنجاب ۾ اقليتن کي زنده ساڙن ڪا نئين ڳالهه ناهي ۽ ڪوٽ راڌا ڪشن ۾ به 2 ماڻهن کي ساڙي ماريو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *