مسلم ليگ ن ۽ پ پ ملڪ کي 24 هزار ارب رپين جو قرضي ڪيو: عمر ايوب

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) توانائي واري وزير عمر ايوب چيو آهي ته ملڪي قرض جون 2008ع تائين 6 هزار 800 ارب رپيه هو، سيپٽمبر 2018ع تائين پاڪستان تي 30 هزار 846 ارب رپيه قرض ٿي ويو، پ پ  ۽ ن ليگ جيڪو قرض ورتو گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ اچي ٿو.  قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي عمر ايوب چيو ته ٻن ڏينهن کان جو رويو ڏسي رهيو آهيان اهو سٺو نه آهي، ان ڳالهه ۾ وڃڻ نه ٿو چاهيان جنهن ڪري صورتحال پيدا ٿي آهي. هن چيو ته بجيٽ پيش ڪرڻ دوران هڪ وزير جو گهيرو ڪيو ويو، مخالف ڌر جي ميمبرن به چيو ته هو مجبور هئا جنهن ڪري گوڙ ڪيو ويو. سندس چوڻ هو ته شهباز شريف پاڻ تي ئي آپگهاتي حملو ڪيو آهي، پنج هزار 500 ارب رپين جو هدف انشاءَ الله هلندڙ سال ئي پورو ڪنداسين. عمر ايوب چيو ته ملڪي قرض جون 2008ع تائين 6 هزار 800 ارب رپي هو، سيپٽمبر 2018ع تائين پاڪستان تي 30 هزار 846 ارب رپيه قرض ٿي ويو، پ پ ۽ مسلم ليگ ن جيڪو قرض ورتو اهو گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ اچي ٿو.  هن چيو ته 10 سالن ۾ ٻنهي پارٽين ملڪ کي 24 هزار ارب رپين جو قرضي ڪري ڇڏيو آهي، 2008ع کان 2014ع تائين ڪرنسي اشو ۾ 100 سيڪڙو اضافو ٿيو،  مسلم ليگ ن جي دور ۾ ڪرنسي ڇاپڻ ۾ 101 سيڪڙو اضافو ٿيو.  عمر ايوب چيو ته 10 سالن ٻنهي پارٽين ملڪ کي 24 هزار ارب رپين جو قرض ڪري ڇڏيو، 2008ع کان 2014ع تائين ڪرنسي اشو ۾ 100 سيڪڙو اضافو ٿيو، مسلم ليگ ن جي دور ۾ ڪرنسي ڇاپڻ ۾ 101 سيڪڙو اضافو ٿيو، روئڻ سولو آهي، ٿورو آئينو به ڏسي وٺو،نوٽ ڇاپڻ جي جيڪا مشين ڇڏي ويا تنهن ڪري رد ڪيو آهي، تحريڪ انصاف نظام کي درست ڪندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *