مسجدن ۾ لائوڊ اسپيڪرن تي خطبا ڏنا ويندا، حڪومت روڪي ڏيکاري: مولانا راشد محمود سومرو

سکر(رپورٽر)جميعت العلماءِ اسلام سنڌ جي جنرل سيڪريٽري مولانا راشد محمود سومرو چيو آهي ته، جمعي جي ڏينهن تي مسجدن ۾ لائوڊ اسپيڪرن تي خطبا ڏناويندا، حڪومت روڪي ڏيکاري. مدرسن کي زبردستي لڳل تالا 2 اپريلنه کوليا ويا ته حيدرآباد کان ڪراچي طرف مارچ ڪري وڏي وزير جي گھر جو گھيراءُ ڪيو ويندو. شهيد خالد محمود جا قاتل معافي لاءِ ميڙ کڻي اچن ٿا پر کين ڪنهن به صورت ۾ معاف نه ڪيو ويندو. سکر جي گھنٽا گھر چوڪ تي تحفظ ناموس رسالت ۽ مدارس ريلي کي خطاب ڪندي مولانا راشد محمود سومرو چيو ته، هو دهشتگردي خلاف حڪومت سان گڏ آهن، پر دهشتگردي جي آڙ وٺي هو مدرسن خلاف ڪارروائي برداشت نه ڪندا، هن چيو ته حڪومت مدرسن کي تالا هڻڻ ۽ عالمن کي گرفتار ڪرڻ جو سلسلو فوري طور بند ڪري ۽ بند ڪيل مدرسن جا تالا پهرين اپريل تائين نه کوليا ويا ته ٻه اپريل تي جي يو آءِ جا هزارين ڪارڪن حيدرآباد کان سي ايم هائوس جي گهيراءُ لاءِ ڪراچي ڏانهن مارچ شروع ڪندا، هن چيو ته مدرسن کي تالا لڳڻ، عالمن جي گرفتاري ۽ اڳواڻن جي شهادت بعد هاڻي وٽن روڊن تي نڪرڻ کان سواءِ ڪوبه رستو ناهي بچيو، راشد محمود سومرو چيو ته ڊاڪٽر خالد محمود جا قاتل وٽ منٿ ميڙ کڻي اچڻ جو سلسلو شروع ڪيو آهي پر هو واضح ڪن ٿا ته قاتلن کي خون معاف نه ڪيو ويندو، هنن چيو ته شهيد جو ڪيس سست رفتاري جو شڪار ٿي ويو آهي، حڪومت تڪڙو ڪيس هلرائي قاتلن کي ڦاهي ڏياري، راشد محمود چيو ته اولهه جا ملڪ توهين رسالت ڪن ٿا، انهن ملڪن سان حڪومت ناتا ختم ڪري ڇڏي، ان کان اڳ جي يو آءِ سنڌ جي سيڪريٽري جنرل جي هزارين ڪارڪنن لکي غلام شاهه وٽ آجيان ڪئي، جتان سوين گاڏين تي سوار هزارين ڪارڪنن کيس جلوس جي شڪل ۾ سکر جي مک ڪاروباري مرڪز گهنٽاگهر وٽ پهچايو، جلسي دوران سيڪيورٽي جا انتظام سوين ڏنڊا بردار ڪارڪنن حوالي رهيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *