مستونگ ۾ وين ۽ ٽرڪ وچ ۾ ٽڪر، 12 مسافر فوت ، 8 زخمي

ڪوئٽه (م.ڊ) مستونگ ۾ ٽرڪ ۽ وين ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 12 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 8 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. ڪوئٽه کان منگوچر ويندڙ مسافر وين جو مستونگ جي کڏ چوڪ وٽ سامهون ايندڙ ٽرڪ سان ٽڪر ٿي پيو، حادثي جي نتيجي ۾ 12 مسافر ٿڏي تي ئي فوت ٿي پيا ۽ 8 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، فوت ٿيندڙ مسافرن ۾ عورتون ۽ ٻارڙا پڻ شامل هئا. حادثي کان پوءِ امدادي ڪارروايون شروع ڪري فوت ٿي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي مستونگ اسپتال منتقل ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *