مسئلو حل نه ٿيو ته وزيراعظم ۽ سنڌ جي وڏي وزير کي گهرائينداسين: سپريم ڪورٽ

ڪراچي (اين اين آءِ) منڇر ڍنڍ جي گندي پاڻي بابت پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ ريمارڪس ڏنا آهن ته سڀ ٽيڪس تي پلجي رهيا آهن پر ڪو ڪم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي ۽ سڄو ڪم ٺيڪي تي هلي رهيو آهي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي به ٺيڪي تي ڏنو وڃي، سومر تي ڪراچي رجسٽري ۾ منڇر ڍنڍ ۾ گندي پاڻي بابت پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي ٿي، سنڌ حڪومت پاران آر بي او ڊي پراجيڪٽ بابت وفاق ۽ صوبائي حڪومت جي رپورٽ پيش ڪئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته آر بي او ڊي پراجيڪٽ وفاقي اداري واپڊا جو منصوبو آهي ۽ سنڌ حڪومت ان ۾ حصيدار آهي، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ عدالت کي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت پاران منڇر ڍنڍ بابت ٽاسڪ فورس جوڙيو ويو آهي، عدالت سنڌ حڪومت جي جوڙيل ٽاسڪ فورس جو نوٽيفڪيشن رد ڪري ڇڏيو، جسٽس امير هاني چيو ته واٽر ڪميشن جي رپورٽ نعيم احمد بخاري جي خلاف چارج شيٽ آهي جنهن شخص منڇر ڍنڍ کي تباهه ڪيو ان کي ٽاسڪ فورس ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏنا ته سنڌ حڪومت ۾ صلاحيت نه آهي، لاڳاپن جي بنيادن تي عهدا ملن ٿا، ڊي جي انوائرمينٽ عوام جي ٽيڪس جا پيسا مفت ويهي کائي رهيو آهي، قتل هڪ ماڻهو جو ٿئي ٿو، هي سڄي سنڌ ۽ ڪراچي جي ڪروڙين ماڻهن جو قتل ڪري رهيو آهي، انوائرمينٽ جو ڊي جي نااهل شخص آهي ۽ حڪومت نااهلي تي تماشو ڏسي رهي آهي، وفاقي ناڻي واري سيڪريٽري عدالت کي ٻڌايو ته پراجيڪٽ ۾ سنڌ حڪومت حصيدار آهي، عدالت آر بي او ڊي پراجيڪٽ 16 سالن کان مڪمل نه ٿيڻ ۽ منڇر ۾ خراب پاڻي بابت حل نه ڪڍڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، جسٽس امير هاني مسلم چيو ته بااثر ماڻهن جو ڍنڍن ۾ خراب پاڻي ڇو نٿو وڌو وڃي، همت آهي ته اتي گندو پاڻي وجهي ڏيکارين، جيڪڏهن هڪ مهيني ۾ مسئلو حل نه ٿئي ته وزيراعظم ۽ سنڌ جي وڏي وزير کي گهرائينداسين، عدالت تڪرار ختم ڪرڻ لاءِ ٻنهي حڪومتن کي هڪ مهيني جي آخري مهلت ڏئي ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *