مزارن جي چوڌاري فقيرن کي هٽائڻ جي هدايت، مزارن اندر ۽ ٻاهر ڪو فقير نه هئڻ گهرجن: مراد علي شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سموري صوبي ۾ مختلف درگاهن جي سڪيورٽي انتظامن بابت فيصلو ڪيو آهي ته فول پروف سڪيورٽي پلان جوڙيو وڃي، جنهن ۾ ڪانسٽيبلز جي ڀرتي ۽ اڏاوتن جو خاتمو شامل آهي. ان سلسلي ۾ اڄ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ٽرانسپورٽ ۽ زڪوات وارو صوبائي وزير ناصر حسين شاهه، چيف سيڪريٽري سنڌ رضوان ميمڻ، آءِ جي پوليس اي ڊي خواجا، ايڊيشنل آءِ جي (سي ٽي ڊي) ثناءُ الله عباسي، گهرو سيڪريٽري قاضي شاهد پرويز، سيڪريٽري ورڪس اعجاز ميمڻ، سيڪريٽري زڪوات ۽ اوقاف رياض حسين سومرو، ڊي آءِ جي (آر آر ايف) ۽ ٻيا شامل هئا. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي ٻڌايو ويو ته سندس هدايتن تي سڪيورٽي ٽيم درگاهه داتا درٻار لاهور جو دورو ڪيو هو ۽ اتي سڪيورٽي جي انتظامن جو جائزو ورتو هو، جيڪي تمام حساس درگاهون آهن انهن لاءِ هڪ سڪيورٽي پلان جوڙيو ويو آهي. واضح هجي ته 14 حساس قرار ڏنل درگاهون ۽ مزار آهن، انهن ۾ درگاهه عبدالله شاهه غازي (ڪراچي)، درگاهه منگهوپير بابا (ڪراچي)، درگاهه حضرت سخي عبدالوهاب شاهه جيلاني (حيدرآباد)، درگاهه لعل شهباز قلندر (سيوهڻ)، درگاهه سعيدي موساڻي، درگاهه شاهه عبداللطيف ڀٽائي (هالا)، درگاهه عبدالله شاهه اصحابي (ٺٽو)، درگاهه شاهه عقيق، درگاهه سچل سرمست (خيرپور)، گاجي شاهه (دادو)، درگاهه عاليا حسين آباد (شهدادڪوٽ)، درگاهه شاهه عنايت، درگاهه اُڏيرو لال، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو (لاڙڪاڻو) شامل آهن. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته 2010ع ۾ درگاهه داتا درٻار لاهور ۾ ٿيل ڌماڪي بعد مزار جو سڪيورٽي آڊٽ ٿيو هو ۽ درگاهن جي سڪيورٽي بابت اي، بي، سي درجابندي ڪئي وئي هئي، پنجاب حڪومت 15 درگاهن کي اي ڪيٽگريءَ ۾ رکيو هو ۽ مزارن جي ڀرپاسي ۾ اڏاوتن جو خاتمي آندو ويو هو. وڏي وزير پاليسي فيصلو ڪندي چيو ته حساس قرار ڏنل سمورين درگاهن کي ترجيحي بنيادن تي سڪيورٽي ڏني وڃي. هن ايڊيشنل آءِ جي اسپيشل برانچ (ڪنوينئر)، ڊي آءِ جي (آر آر ايف)، چيف ايڊمنسٽرير اوقاف، سپريٽينڊنٽ انجنيئر حيدرآباد ڊويزن، لاڳاپيل ڊپٽي ڪمشنرز، ايس ايس پيز ۽ لاڳاپيل چيئرمين لوڪل ڪونسل تي ٻڌل هڪ ڪميٽي تشڪيل ڏني. اها ڪميٽي هر هڪ درگاهه خاص طور تي لعل شهباز قلندر، عبدالله شاهه غازي، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، شاهه عقيق ۽ منگهوپير بابا درگاهن جو دورو ڪري انهن جو آڊٽ ڪندي ۽ ڪميٽي آڊٽ جي ترت بعد پنهنجو سڪيورٽي پلان، تعميراتي ڪمن، اڏاوتن جو خاتمو ۽ سڪيورٽي ۽ سرچ جو طريقو واضح ڪندي. وڏي وزير چيف سيڪريٽري سنڌ کي هدايت ڪئي ته هُو سمورن مزارن لاءِ ضروري هدايتون جاري ڪري ته اتان کان پينو فقيرن کي هٽايو وڃي. هن آءِ جي پوليس کي هدايت ڪئي ته هُو مقامي مرد ۽ عورت ڪانسٽيبل مقرر ڪري ۽ انهن کي سرچ ۽ سڪيورٽي جي خاص تربيت ڏني وڃي ۽ ان بعد انهن کي مقامي درگاهن تي مقرر ڪيو وڃي. وڏي وزير چيو ته درگاهن کي بين المذاهب يڪجهتي جي حوالي سان تمام گهڻي اهميت حاصل آهي. هن چيو ته مختلف مذهبن، فرقن سان واسطو رکندڙ ماڻهو اتي گڏ ٿيندا آهن. هن چيو ته مان انهن سمورن ماڻهن کي مڪمل سڪيورٽي ۽ تحفظ فراهم ڪرڻ چاهيان ٿو. هن چيو ته جتي گهرج آهي اتي چوديواري تعمير ڪئي وڃي ۽ سي سي ٽي وي ڪئميرا لڳايا وڃن ۽ اهم درگاهن تي سي سي ٽي وي ڪيئميرا مڪمل ڪمانڊ ۽ ڪنٽرول روم سان گڏ لڳايا وڃن. وڏي وزير گهرو کاتي کي هدايت ڪئي ته اهي پنهنجي ٽرمز آف ريفرنس تحت ڪميٽي کي تشڪيل ڏين ته جيئن هُو پنهنجو ڪم خميس کان شروع ڪري سگهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *