مري ويندس پر اهو بيان نه ڏيندس ،جيڪو هي چاهين ٿا: ڊاڪٽر عاصم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي وفاقي پيٽروليم واري وزير ڊاڪٽر عاصم جو چوڻ آهي ته هو مري ويندو پر اهو بيان نه ڏيندو ،جيڪو هي چاهين ٿا. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ پڇاڻي واري عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر عاصم جو چوڻ هو ته ڀلي مان مري وڃان پر سازشي ماڻهن جي سوچ وارو بيان جيڪو هو چاهين ٿا اهو ڪنهن صورت ۾  به  نه ڏيندس. سڀني الزامن کي منهن ڏيندس،ڀڄڻ وارو ناهيان، سندس چوڻ هو ته هو پاڻ به فوجي آهي ۽ سندس وڪيل به فوجي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *