مريم نواز وڏن چئنلن جي اشتهارن کي ڪنٽرول ڪرڻ جو اعتراف ڪيو، اميد ته ٻاهرين ملڪ ملڪيتن جو به اعتراف ڪندي: فواد چوڌري

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌسماءَ واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته مريم نواز ميڊيا سيل هلائڻ جو اعترف ڪري پنهنجو ٽريڪ رڪارڊ برقرار رکيو آهي منظم طريقي سان بدنام سيل صحافين کي خريد ڪيو رقم ورهائي مخالف صحافين کي سزائون ڏنيون ويون ميڊيا سيل جي منظوري سان 9 ارب 62 ڪروڙ 54 لک 3902 رپيا وفاقي حڪومت جا خرچ ڪيا ويا. هڪ پرائيويٽ شخص پاران سرڪاري فنڊز کي هينڊل ڪرڻ سنگين جرم آهي ان معاملي تي اسان انڪوائري ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ڪنهن ڏينهن ۾ ان جو تفصيل پيش ڪنداسين پرويز رشيد جي دور ۾ اطلاعات وزارت کي ڪٺپتلي بڻائي رهيو هو سرڪاري رقم جي استعمال ۾ ڪنهن پرائيويٽ شخص جا اختيار ڪيئن استعمال ٿيا ان جي جاچ ڪئي ويندي اربع تي هتي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چوڌري فواد چيو ته مريم نواز جڏهن به ڳالهائي ٿي اسان کي چڱائي جي اميد هوندي اهي الحمدالله مريم نواز ميڊيا سيل هلائڻ جو احترام ڪري پنهنجو ٽريڪ رڪارڊ برقرار رکيو اهي هن چيو ته مريم نواز اعتراف ڪيو ته هو ميڊيا سيل هلائي رهي هئي ان ميڊيا سيل جي نشاندهي 2 نومبر 2015 تي ڊان اخبار ڪئي هئي ته ان وقت وزيراعظم هائوس ۾ مريم ناوز جي سرپرستي هيٺ اسپيشل ميڊيا سيل جوڙيو ويو هو ان ميڊيا سيل ۾ پهرين 15 ميمبر هئا، 20 ملين رپيا وڌيڪ ڀرتين لاءِ رکيا ويا. ميڊيا سيل جي ميمبرن جو انگ وڌائي 38 ڪيو ويو ۽ ان کي ميڊيا جون سمورون محمون هلائڻ جا اختيار ڏنا ويا وفاقي وزير چيو ته منظم نموني سان ان بدنام سيل صحافين کي خريديون انهن ۾ پئسا ورهايا مريم نواز اعتراف ڪيو ته هو ان ڪم جي نگراني ڪري رهي هئي وڊيو ٽيم ۾ مريم نواز اعتراف ڪيو ته ميڊيا سيل جي منطوري سان 9 ارب 62 ڪروڙ 54 لک 3902 رپيا وفاقي حڪوتم جا خرچ ڪيا ويا. چوڌري فواد چيو ته مريم نواز ڪجهه چينلز جا نالا ورتا جن کي سزا ڏني وئي. ڪجهه چينلز جا نالا نه ورتا جن کي روارڊ ڪيو ويو (ن) ليگ جي اڳوني دور ۾ ڪجهه صحافين کي سزائون مليون صحافتي تنطيمن ۽ صحافي برادري جون اکيون کولڻ لا3 کين ٻڌائڻ ضروري آهي ته ڪنهن کي نوازيو ويو ۽ ڪنهن کي سزا ڏني وئي هنچ يو ته 10 ارب رپين جي رقم صرف اسلام آباد جي ايڊورٽائيزمنٽ جي آهي پنجاب جي ايڊورٽائيزمنٽ به گهڻي حد تائين هي ئي ميڊيا سيل ڪنٽرول ڪري رهيو هو هن چيو ته ميڊيا سيل جي ذريعي اٽڪل 15 کان 18 ارب رپيا صحافين مختلف ميڊيا گروپن ۾ ورهايا ويا هڪ پرائيويٽ شخص طرفان سرڪاري فنڊز کي هينڊل ڪرڻ سنگين جرم آهي وفاقي وزير چيو ته ميڊيا سيل جي ذريعي جيڪو گورک ڌنڌو کيڏيو ويو ان جي سڀ کان وڏي شاهدي اسان جي سامهون آئي آهي وفاقي وزير چيو ته هن معاملي تي اسان انڪوائري ڪرائڻ جو فصيلو ڪيو آهي ڪجهه ڏينهن ۾ ان جو تفصيل پيش ڪنداسين وفاقي وزير چيو ته پرويز رشيد جي دور ۾ اطلاعات وزارت کي ڪٺپتي بڻائي رکيو هو سرڪاري رقم جي استعمال ۾ ڪنهن پرائيويٽ شخص جا اختيار ڪيئن استعمال ٿيا ان جي جاچ ڪئي ويندي. هن چيو ته (ن) ليگ جي خلاف عدالتن ۾ جيڪي ڪيس لڳا آهن اهي ساڌا ڪيس آهن ته هي پراپرٽيز آهن ان ۾ اوهان رهو ٿا ان جا پئسا ڪٿان آيا وفاقي وزير چيو ته نيب آرڊيننس جي سيڪشن 9 ۾ درج آهي ته پراپرٽيز جي مني ٽريل پيش ڪئي وڃي جيڪڏهن ناهي ته هي ڪرپشن جي پريڪٽس آهي هن چيو ته (ن) ليگ مني ٽريل ڏيڻ بدران ان سلسلي کي روڪڻ گهري ٿي (ن) ليگ وٽ ثبوت آهن ته اها پيش ڪري عوام ماڻهن جي خواهش آهي ته چورن کان پئسو واپس اچي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *