مريءَ ۾ غير قانوني اڏاوتون ڪيرائڻ جو حڪم، مان مال روڊ جواني ۽ پيرسني ۾ ڏٺو آهي : چيف جسٽس

اسلام آباد (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ثاقب نثار پنجن ڏينهن اندر مري ۾ عير قانوني عمارتون ڪيرائڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو سومر تي سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بئنچ مري ۾ غير قانوني اڏاوت بابت درخواست جي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ ڊپٽي ڪمشنر مري عدالت ۾ پيش ٿيو ٻڌڻي ۾ چيف جسٽس مري ۾ غير قانوني اڏاوت جو سمورو تفصيل طلب ڪري ورتو. چيف جسٽس ڊپٽي ڪمشنر کان پڇا ڪئي ته هي غير قانوني عمارتون ڪنهن جون آهن ۽ ان جي ذميوار ڪير آهي ۽ ٻڌايو ته غير قانوني اڏاوتون ڪيون ويون يا نه ان تي ڊپٽي ڪمشنر مري ها ۾ جواب ڏنو ۽ ٻڌايو ته مري ۾ 2003 کان غير قانوني اڏاوتون قائم ٿيون آهن جسٽس ميان ثاقب نثار ڊپٽي ڪمشنر کي چيو ته هي غير قانوني اڏاوتون ضلعي انتظاميه جي چوڻ سان قائم ٿيون هي غيرقانوني عمارتون ڪرنديون يا اوهان ڪرندا چيف جسٽس چيو ته جنهن جي دور ۾ هي غير قانوني اڏاوتون قائم ٿيون انهن جا نالا به ڏيو چيف جسٽس حڪم ڏنو ته بلڊوزر ڪرائي تي وٺو ۽ پنجن ڏينهن ۾ غير قانوني عمارتون ڪرايو هي ڪا راڪيٽ سائنس نه آهي جيڪڏهن ڪو عدالتن ۾ ڪيس آهي ته ان جو به تفصيل ڏيو ان کان پوءِ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي اڄ اڱاري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *