مرزا فارم هائوس جو ٻيهر پوليس جو گهيراءُ، بڪتر بند گاڏيون پهچي ويون، هر حال ۾ مرزا جي گرفتاري جو امڪان

بدين (ڊ.ر)   مرزا فارم هائوس جي ٻيهر گهيراءُ لاءِ پوليس موبائيل ۽ بڪتر بند گاڏيون روانيون ٿي ويون آهن، جڏهن ته  ذوالفقار مرزا ۽ ڪيسن ۾ نامزد سندس حامين کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف واپاري اتحاد جي سڏ تي بدين ۾  شٽر بند هڙتال   ڪئي وئي آهي.مرزا فارم هائوس کي ٻيهر ڪڙو چاڙهڻ جون تياريون شروع ڪيون ويون آهن، موبائلز ۽ بڪتربند گاڏيون فارم هائوس طرف روانيون ٿي ويون  آهن.ايس ايس پي بدين خالد مصطفيٰ ڪورائي جو چوڻ آهي ته واپارين جا زوري دڪان بند ڪرائڻ واري ڪيس ۾ نامزد جوابدار مرزا هائوس ۾ موجود آهن ، جن کي هر حال ۾ گرفتار ڪيو ويندو،ذوالفقار مرزا ۽ سندس حامي گرفتار نه ٿيڻ تي بدين ۾ واپاري اتحاد جي سڏ تي سمورا ڪاروباري مرڪز بند آهن، جڏهن ته ٽريفڪ به معمول کان گهٽ هلي رهي آهي.ذوالفقار مرزا، فهميده مرزا، ڪيسن ۾ نامزد جوابدارن سميت 400 ماڻهو مرزا فارم هائوس تي موجود آهن،جڏهن ته مرزا فارم هائوس ڏانهن ويندڙ رستن تي وڏي انگ ۾ پوليس اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آهي، جن جو گشت به جاري آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *