مردم شماري ۾ هر فرد جي ڳڻپ يقيني بڻائي وڃي: سنڌ حڪومت جو وفاق کان مطالبو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مردم شماري جي حوالي سان ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار کي خط لکي ڇڏيو آهي، وڏي وزير چيو آهي ته مردم شماري ۾ هر فرد جي ڳڻپ يقيني بڻائي وڃي، قومي سڃاڻپ ڪارڊ نه هئڻ تي ٻيا دستاويز قبول ڪيا وڃن، مردم شماري کي قابل قبول بڻائڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا، هن چيو ته ويب سائيٽ سان گڏوگڏ ضلعي آفيسن ۾ به فهرستون لڳايون وڃن، مردم شماري جو ڊيٽا روزاني بنيادن تي پبلڪ ڪيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *