مردم شماري قومي فرض آهي، 2 لک جوان مقرر ڪيا ويندا: پاڪ فوج

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو آهي ته مردم شماري قومي فرض آهي، مردم شماري جي لاءِ 2 لک جوان مقرر ڪيا ويندا، هٿياربند فوجن جي مدد سان 1998 ۾ مردم شماري هڪ مرحلي ۾ ٿي هئي، هن چيو ته هر بلاڪ ۾ هڪ سپالي عملي سان گڏ موجود هوندو، سپاهي هر گهر ۾ ويندو ۽ فارم ڀرائيندو، ڊيٽا چيڪ ڪرڻ لاءِ نادرا سسٽم لنڪ هوندو، ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور چيو ته غلط ڊيٽا ڏيڻ کي ڏوهه تصور ڪيو ويندو، مردم شماري لاءِ پي بي ايس جي سهڪار سان ماسٽر ٽرينرز جي تربيت ڪرائي وئي، ماسٽر ٽرينرز کان عملي جي تربيت ڪرائي وئي، عوام کي درخواست آهي ته مردم شماري لاءِ سهڪار ڪن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *