مردم شماري: شماريات ڊويزن پاران 10 لک ماڻهن جي ڊيٽا نادرا کان تصديق ڪرائڻ جو فيصلو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) شماريات ڊويزن مردم شماري ۾ 10 لک ماڻهن جي ڊيٽا نادرا کان تصديق ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. شماريات ڊويزن ۽ نادرا وچ ۾ مردم شماري ڊيٽا جي تصديق جي معاملي تي ڳالهيون اڄ ٿينديون جنهن ۾ معاهدو طئي ٿيڻ جو امڪان آهي تنهن هوندي مردم شماري اختيارين جو چوڻ آهي ته اميد آهي ته نادرا کان ڊيٽا تصديق ڪرائڻ جو معاهدو طئي ٿيندو، هن چيو ته مردم شماري ۾ نادرا کان رڳو شڪين جي ڊيٽا جي تصديق ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. شماريات ڊويزن جي اختيارين موجب مردم شماري جي تصديق جي لاءِ في اي ايس ايم ايس 10 رپيا گهريا ويا آهن اختيارين موجب مردم شماري ۾ سمورن ماڻهن جي ڊيٽا جي تصديق ممڪن ناهي ۽ نه ئي هر فرد جي ڊيٽا جي تصديق ڪرائڻ جو بجٽ موجود آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *