مردم شماري جو ڪم قائدن ۽ ضابطن جي ابتڙ ٿي رهيو آهي: مراد علي شاهه

ڪراچي(ويب ڊيسڪ/اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته اسان بهترين حڪمراني، ٽيڪس جو نظام ۽ ڪاروباري ماحول کي بهتر بڻائڻ تي محنت سان ڪم ڪيون پيا. اهڙن خيالن جو اظهار اڄ هن ڪراچي جي مقامي هوٽل ۾ بطور مهمان خاص امريڪن بزنس ڪائونسل (ABC) کي ٽيڪس جي نظام بابت رائونڊ ٽيبل ڪانفرنس سان ڪيو. اجلاس ۾ آمريڪي قونصل جنرل مس گريس ڊبليو شيلٽن کان علاوه صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري نويد ڪامران بلوچ، چيئرمين سنڌ روينيو بورڊ، ايڊيشنل آئي جي سنڌ پوليس مشتاق مهر ۽ ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. وڏي وزير آمريڪن بزنس ڪائونسل  جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته اسان سٺي حڪمراني، ٽيڪس جو نظام ۽ ڪاروبارص ماحول بهتر بڻائڻ تي محنت سان ڪم ڪيون پيا. هن چيو ته منهنجي ڪوشش آهي ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ سڌار آڻيان. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ ڪاروباري سرگرمين کي وڌيڪ وڌائڻ لاءِ صنعتي زون ۾ انفرا اسٽرڪچر کي هٿي وٺرائڻ آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي چيو ته آئون مڃان ٿو ته سنڌ ۾ ايراني تيل جي غير قانوني درآمد ٿئي پئي. هن چيو ته هيءُ مون پهرين ڀيرو ٻڌو آهي ته ٽائلون پڻ اسمگل ٿين ٿيون. اسان امن ۽ امان جي صورتحال بهتر ڪرڻ لاءِ انقلابي اُپاءُ ورتا آهن. هن وڌيڪ چيو ته اسان ٽارگٽڊ آپريشن جاري رکيو آهي ۽ پوليس ۾ ميرٽ جي بنياد تي ڀرتيون ڪيون پيا. هن چيو ته سنڌ جي ڳوڻاڻن علائقن ۾ پهرين ماڻهو قافلن جي صورت ۾ نڪرندا هئا، هاڻي امن ۽ امان جي صورتحال مثالي آهي. اسٽريٽ ڪرائم جي شڪايتون هاڻي گهٽجي ويون آهن، ماڻهو مڃين ڪونه ٿا پر اها هڪ حقيقت آهي. وڏي وزير چيو ته انهي سڄي آپريشن جي ڪاميابي ڪراچي جي عوام کي وڃي ٿو، جنهن اسان جي حمايت ڪئي ۽ انهيءَ ۾ اسان جو ساٿ ڏنو ۽ سڀئي قانون لاڳو ڪندڙ ادارا گڏجي ڪم کي سرانجام ڏيون پيا. هن چيو ته اسان شهيد ٿيندڙ پوليس اهلڪارن کي سٺو معاوضو، ڪٽنب لاءِ پگهار ۽ ٻارن جي تعليم جا خرچ ادا ڪرڻ سندن سٺي ۽ مثبت پاليسي بڻائي آهي. هن چيو ته شهر ۾ سمورا روڊ تعمير هيٺ آهن، جنهن سبب ٽريفڪ جا مسئلا درپيش آهن، جيئن ئي روڊ تعمير ٿي ويندا اوهان خوش ٿيندو. هي منهنجو شهر آهي، مون هن شهر کي امن جو گهر، روشنين جو شهر ۽ روزگار فراهم ڪندڙ شهر بڻائيندس.وڏي وزير ٻڌايو ته ڪراچي ۾ 100 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري  پائپ لائين ۾ آهي. وڏي وزير سان چيئرمين سنڌ روينيو بورڊ درخواست ڪئي ته اوهان ٽيڪس جا مسئلا حل ڪيو. انهيءَ تي وڏي وزير انهي بابت پڪ ڏني ته هو ناڻي کاتي جو وفاقي وزير اسحاق ڊار سان ڳالهايو آهي ۽ ڪجهه ڳالهيون ڪيون به آهن. وڏي وزير چيو ته آئون اوهان لاءِ حاضر آهيان. اوهان بي فڪر سيڙپڪاري ٿي سيڙپڪاري ڪيو. هن چيو ته سنڌ روينيو بورڊ گذريل سال 61 بلين روپيا گڏ ڪيا هئا ۽ هلندڙ سال 71 بلين روپين جو ٽارگيٽ آهي. اسان جي ڪوشش آهي ته سنگل روينيو اٿارٽي قائم ڪيون ته جيئن ون ونڊو آپريشن ڪري سگهون. اسان شهر ۾ صفائي جو ڪم مشيني طريقن سان ڪيون پيا ۽ چائنيز ڪمپني انهيءَ ڪم لاءِ پهچي وئي آهي. ڪمپني 18000 ڪچري جون ٽوڪريون سائوٿ ۾ ورهائي ڇڏيون آهن، سائوٿ ۽ ايسٽ ۾ صفائي جو ڪم ٻاهر کان ڪرائي چڪا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته آئون ڊي ايم سيز کي صفائي لاءِ اربين روپيا ڏئي چڪو آهيان، پر هو ڪم نه ڪري سگهي. هاڻي ٻاهر کان ڪم وٺون پيا. پر اهو ڊي ايم سيز جي مرضي سان ٿئي پيو. هن چيو ته ڪراچي ميٽروپوليٽين ڪارپوريشن(KMC)، ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ (KWSB) ۾ هزارن جي انگ ۾ اضافي عملو موجود آهي جن مان ڪجهه ملازم ڪم ڪن پيا. هن وڌيڪ چيو ته اسان کي شهر ۽ شهرين جي خدمتن لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪرڻو پوندو. ان موقعي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي ڪم ۽ سندس خدمتن کي ساراهيو ويو.
ٻئي طرف وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته مردم شماري جا جيڪي قاعدا ۽ ضابطا سامهون رکيا ويا انهن جي ابتڙ ڪم ٿي رهيو آهي، وفاقي ناڻي واري وزير سان گڏجي انهن کي مردم شماري جي حوالي سان خدشن بابت آگاهه ڪندس. وڏي وزير وفاقي وزير اسحاق ڊار سان رابطو ڪري مردم شماري جي خدشن بابت آگاهه ڪندو، هن چيو ته پهرين به اسحاق ڊار سان ان سلسلي ۾ رابطو ڪيو هو، ان ملاقات ۾ اسان کي ٻڌايو ويو ته بلڊنگ جي هر فليٽ کي ڳڻيو ويندو، جڏهن ته هاڻ اطلاع ملي رهيا آهن ته مردم شماري۾ هر گهر کي ناهي ڳڻوي ويو.

Author: Tariq Sandilo