مردان جي شادي هال ۾ ستل 5 مزدور ساهه گهٽجڻ سبب فوت

مردان(م.ڊ) مردان جي علائقي شيخ ملتون ۾ ٻن ڀائرن سميت 5 ڄڻا ساهه ٻوساٽجڻ سبب فوت ٿي ويا. تفصيل مطابق شادي هال ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن ٿڌ کان بچڻ لاءِ آئل ٽينڪر ۾ ڪوئلن جي باهه ٻاري پر بدقسمتي سان کين ننڊ وٺيوئي ۽ باهه وسائڻ وسري وئي، نتيجي ۾ ساهه ٻوساٽجڻ سبب 5 ئي ڄڻا فوت ٿي ويا. سمورن فوتن جو تعلق پشاور سان آهي ۽ فوتين ۾ 2 سڳا ڀائر به شامل آهن

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *